22 پیر , اکتوبر 2018

نيوز: ٻهارا: ڳوٺاڻن پاران اغوا ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ احتجاج

ٻهارا ۾ ڳوٺاڻن پاران هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل ناري جي بازيابي لاءِ احتجاج ڪيو ويو

ڳوٺ مصري ملاح جي رهواسين پاران ليلان، طيب ۽ شريف ملاح پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف نعريبازي ڪئي

احتجاج ڪندڙن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ٽي مهينا اڳ سندن ئي برادري جي بااثرن اڪبر، رمضان ۽ ٻين هٿياربندن گهر تي حملو ڪري گهر ڀاتين کي تشدد جو نشانو بڻائي رشيد زال سليمان کي اغوا ڪري ويا

سندن چوڻ آهي ته هنن ناري جي اغوا خلاف ڪيس داخل ڪرايو پر پوليس جوابدارن جي ٻٽ بڻجي ڪيس داخل ڪرڻ کان خطو جواب ڏئي ڇڏيو

هنن چيو ته پوليس جي اهڙي رويي خلاف عدالت کي دانهن ڏني جنهن بعد ڪيس داخل ڪيو ويو پر پوليس اڃا تائين ناري رشيدا کي بازياب ناهي ڪرايو

احتجاج ڪندڙ سنڌ هاءِ ڪورٽ کان گهر ڪئي ته معاملي نوٽيس وٺي پوليس ۽ بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري ناري کي بازياب ڪرائي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے