16 منگل , اکتوبر 2018

ڪراچي پوليس چيف شهرين کي هيلميٽ خريدڻ ۽ ڊرائيونگ لائسنس ٺهرائڻ لاءِ مهلت ڏئي ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف ڊاڪٽر امير شيخ ٽريفڪ قانونن تي عمل نه ڪندڙ شهرين کي خبردار ڪندي چيو آهي ته اڳ رانگ وي مهم شروع ڪئي، هاڻ هيلميٽ ۽ لائسنس جي ڀرپور مهم هلائينداسين، شهرين کي هيلميٽ جي خريداري هڪ هفتي جي مهلت ٿا ڏيون. پنهنجي تازي بيان ۾ ايڊيشل آءِ جي چيو آهي ته مڪاني ادارن جي وزير ۽ ميئر کان سهڪار گهريو آهي، ٽريفڪ جي رواني لاءِ حد دخليون ختم ڪيون وينديون، آپريشن لاءِ نفري اسان ڏينداسين، ان ڏس ۾ ڪيس داخل ڪري گرفتارين لاءِ تيار آهيون. سندس چوڻ هو ته اهم شاهراهن تي موٽر سائيڪلن لاءِ ڌار لائين جو ارادو آهي، اڳ رانگ وي مهم شروع ڪئي، هاڻ هيلميٽ ۽ لائسنس مهم شروع ڪنداسين، ون وي جي ڀڃڪڙي تي گرفتاري ٿيندي، بنا لائسنس ڊرائيورنگ تي گاڏي ضبط ٿيندي. هن چيو ته منهنجو هيلميٽ جو دڪان ناهي، نه ڪري ڪو ڪنٽينر هٿ ڪيو آهي، هيلميٽ جي پابندي حفاظت لاءِ آهي، منطق بدران عمل ڪيو وڃي، شهرين کي هيلميٽ جي خريداري لاءِ هڪ هفتي جو وقت ڏئي رهيا آهيون، جڏهن ته هڪ مهيني اندر لائسنس ٺهرايا وڃن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري جي عدالتي ڪمري ۾ حسين لوائي سان ملاقات

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري بئنڪنگ ڪورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے