16 منگل , اکتوبر 2018

اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا آهن. احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ اختيار اورانگهڻ ۽ ضابطن خلاف مقرري جي ريفرنس جي ٻڌڻي ۾ لاڳيتو غير حاضري سبب شوڪت عزيز جا ضمانت نه ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا. ٻڌڻي دوران عدالت ريفرنس ۾ نامزد ٻين جوابدارن جي غير حاضري تي پڻ سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جڏهن ته نيب ريفرنس ۾ نامزد جوابدارن لياقت جتوئي، اسماعيل قريشي، شاهد حامد ۽ نسيم اختر طرفان حاضريءَ کان ڇوٽ جون درخواستون منظور ڪيون ويون، پوءِ احتساب عدالت ڄاڻايل ريفرنس جي ٻڌڻي پهرين نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

هائوسنگ اسڪينڊل: سعد رفيق ۽ سندس ڀاءُ نيب آفس ۾ بيان ڏيڻ بعد روانا

لاهور(ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے