16 منگل , اکتوبر 2018

شهباز شريف جي گرفتاري ۽ ريمانڊ جي خلاف درخواست داخل

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي گرفتاري ريمارنڊ کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته آئين جي آرٽيڪل 248 جي موجب پبلڪ آفس هولڊرن کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي. اپيل آهي ته عدالت شهباز شريف جي گرفتاري ۽ ريمانڊ کي ڪالعدم قرار ڏئي. تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جي گرفتاري ۽ احتساب عدالت طرفان ريمارنڊ جي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي. درخواست حافظ مشتاق نعيم نالي شهري طرفان داخل ڪئي وئي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته آئين جي آرٽيڪل 248 موجب وزير اعظم ۽ وڏي وزير کي ڇوٽ حاصل آهي، پاڪستان جو آئين وزير اعظم ۽ وڏي وزير جي بندوبست کي مڪمل تحفظ ڏيندو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته قانون جيموجب پبلڪ آفس هولڊر جي ايڪٽ کي چيلينج ڪري سگهجي ٿو. آئين جي آرٽيڪل 248 موجب پبلڪ آفيس هولڊر کي گرفتار نٿو ڪري سگهجي. درخواستگذار اپيل ڪئي ته عدالت شهباز شريف جي گرفتاري ۽ ريمانڊ کي ڪالعدم قرار ڏئي جڏهن ته داخل درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ نيب چيئرمين کي ڌر بڻايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے