21 بدھ , نومبر 2018

ٿر ۾ خوفناڪ ڏڪار ۽ سرڪار جون سکڻيون دعوائون :صدام ساگر

 

ڳالهه ڪنداسين گذريل وفاقي حڪومت طرفان پاڪستان جي توانائي جي راڄڌاني قرار ڏنل علائقي ۽ ڏڪاريل ڏيهه ٿر جي، جيڪو هيل به سانوڻي جي برسات نه پوڻ سبب اڃارو رهجي ويو آهي، ٿري ماروئڙن جي عبادتن ۽ خيراتن ڪو خاص اثر نه ڇڏيو ۽ ٿر ”بر“ ئي رهجي ويو. ڪارونجهر تي به ”بادليئي“ گيت ۽ ”همرچي“ جا آواز ٻُرڻ بدران ”مورن جا ڪيهاٽ“ آهن. اهي حالتون ٿري ماروئڙن لاءِ ته ڪنهن قهر کان گهٽ ناهن پر ”ڏڪاري سيٺين“ لاءِ ته گلن سندو هار آهن.

برسات نه پوڻ سبب ٿر ۾ڪاري ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، هن ڀيري به سنڌ جا 8 ضلعا ۽ 187 ديهون ڏڪار سٽيل قرار ڏنيون ويون آهن. هونئن به آگسٽ مهيني ۾برسات نه پوڻ سبب پاڻمرادو ڏڪار ڊڪليئر ٿي ويندو آهي، اها روايت انگريزن جي زماني کان وٺي رهندي پئي آئي آهي ته جيڪڏهن 20 آگسٽ تائين برسات نه پئي ته ٿر ۾ڏڪار جو اعلان ڪيو ويندو هو پر هن ڀيري ٿر کي ڏڪار سٽيل قرار ڏيڻ لاءِ ”سيپٽمبر“ ۾نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، اهڙي سنگين صورتحال ۾سرڪار کي ته اڳواٽ قدم ۽ جوڳا اپاءَ وٺڻ گهربا هئا.

ٿرپارڪر ضلعو 22 هزار چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل آهي، جيڪو 4000 کان وڌيڪ ڳوٺن تي مشتمل آهي، هِتي جي ماڻهن جو سمورو گذر سفر چوپائي مال ۽ حياتياتي نظام جو دارومدار برساتن تي رهندو پئي آيو آهي پر هيل مينهن نه پوڻ ڪري مال جو چارو ختم ٿي چڪو آهي جنهن سبب مال مرڻ لڳو آهي. خوبصورت خطو ٿر قدرتي وسيلن سان مالا مال هوندي به تباهه بڻيل آهي. رهواسي 21هين صدي واري جديد دور ۾صحت، تعليم توڙي ٻين بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهن، جيڪڏهن سرڪار هميشه اهڙي صورتحال کان ٿر واسين کي بچائڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ ضروري آهي ته ٿر لاءِ ڪا جامع ۽ واضح رٿابندي جڙڻ کپي، اهڙي رٿابندي جنهن ۾ٿر تي اثرانداز ٿيندڙ هر مسئلي جي حل جو سامان ميسر هجي.

ڪاري ڏڪار واري قهري صورتحال باوجود سنڌ سرڪار ته رڳو نوٽيسن مٿان نوٽيس جاري ڪيا، ٻيو مڙئي خير! نه ڪا عدالتي ڪميشن جڙي نه ڪا سگهاري منصوبابندي ٿي. ضلعي ۾ نه صرف موسمي ڏڪار آهي پر انتظامي ڏڪار پڻ آهي. سراپا سُور بڻجي ويل ڪيترائي ماڻهو بُکن ۾پاهه ٿي زندگي بچائڻ لاءِ اباڻا ڪک ڇڏي بئراجي علائقن ڏانهن لڏپلاڻ ڪري ويا آهن.

ڏٺو وڃي ته ٿر جا ماڻهو سدائين ڏکن ۽ ڏوجهرن کي منهن ڏيندي مصيبتن جي ٻيڙي تي سوار هوندا آهن پر هن سنگين حالت ۾اقتدار ڌڻين ڏانهن واجهائيندڙ مسڪين ماڻهن جي ڪابه واهر نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي انهن جو درد ڪير محسوس ڪري سگهيو آهي! شدت اختيار ڪري ويل سنگين حالتن ۾غريب ماڻهن جو جياپو وڏو سوال آهي؟ ميڊيا ۾شايع ٿيندڙ رپورٽن موجب هلندڙ سال لڳ ڀڳ 450 ٿر جي مسڪين ماڻهن خراب حڪمراني ۽ مالي مسئلن سبب خودڪشي ڪئي ۽ غذائي کوٽ سبب سوين ٻارڙا بي وقتائتي موت جي ور چڙهيا. ”عوامي آواز“ جي سروي موجب ٿر ۾32 ڏينهن دوران 55 ۽ هلندڙ سال دوران 477 ٻارڙا ٻار فوت ٿي چڪا آهن.  جڏهن ته سنڌ حڪومت جي اختيارين سرڪاري رپورٽ ۾ ٿرپارڪر اندر هلندڙ سال سميت 5 سالن دوران 2 هزار 129 ٻار فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي ۽ ٻارن جي فوت ٿيڻ جا ڪارڻ سخت غذائي کوٽ، ڄمڻ وقت گهٽ وزن هجڻ، پيدائشي طور ساهه منجهڻ، نمونيا ۽ انفيڪشن ٿيڻ سبب ڄاڻايا آهن.

جڏهن ته وڏي بجيٽ جي دعويٰ باوجود اسپتالون صرف ريفر سينٽر ۽ ڪوس گهر ئي بڻيل آهن جتان شفا بدران اميدون برثواب ٿين ٿيون ۽ حڪمران سڀ ٺيڪ آهي وارو راڳ آلاپيندا پيا اچن. صحت کاتي جي صوبائي وزير ٿر ۾ ٻارن مرڻ جو سبب مائرن کي قرار ڏنو آهي ۽ سندس چوڻ آهي ته ٿر اجڙي وڃڻ جون خبرون بي بنياد آهن، علاج جون سهولتون بهتر آهن. صوبائي وزير سعيد غني جو فرمان آهي ته ٿر ۾ ٻار بک سبب نه پيا مرن ۽ لڏپلاڻ جو سلسلو اڄ جو ناهي. بيشڪ لڏپلاڻ وارو سلسلو ٻن مهينن کان شروع ناهي ٿيو اهو پراڻو ئي آهي.

ڏٺو وڃي ٿر ۾ ڏڪار جو ٻيو وڏو  ڪارڻ وڻن جي واڍي آهي، هن وقت به مارئي جي ديس جي سونهن جي علامت بڻيل قيمتي وڻ پڻ خطري هيٺ اچي ويا آهن، روهيڙي، ڪونڀٽ سميت ٻٻر جي وڻن جي واڍي پڻ تيزي سان جاري آهي، ٻيلي کاتي جا عملدار به رشوت عيوض بااثرن آڏو بيوس بڻيل آهن، وڻن جي واڍي سبب 50 سيڪڙو ماڻهن جا ذريعا خطري هيٺ اچي ويا آهن، ٿيڻ ته ائين گهربو هو جو حڪومت طرفان وڻن جي واڍي تي مڪمل پابندي لڳائڻ گهرجي ها پر هتي ته حڪومتي ماڻهو ئي هٿ رنگن پيا.

ٿر ۾تعليمي صورتحال تي نظر وجهنداسين ته ٿر ۾20 هزارن کان مٿي نوجوان پڙهيل لکيل نوجوان بيروزگار آهن ۽ 15 هزار ٻارڙا اڻ پڙهيل هجڻ جو به انڪشاف ٿيو آهي. هن وقت به 840 اسڪول بند آهن، ڪيترائي اسڪول وڏيرن جي اوطاقن ۾ تبديل ٿي ويا آهن.

ٿر جو ٻيو وڏو ۽ اهم مسئلو پاڻي آهي، کوهه سُڪي وڃڻ سبب پاڻي کوٽ سبب ٿري عورتون ٻيلهه (ٻيهلڙا) کڻي ڏورانهن علائقن ڏانهن پاڻي جي ڦڙيءَ لاءِ ڀٽڪن ٿيون، ٿرپارڪر ۾مٺي ۽ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ آر او پلانٽ لڳايا ته ويا آهن پر اُها ٻي ڳالهه آهي جو 80 سيڪڙو آر او پلانٽ بند پيل آهن. 116 پلانٽ مختلف سبب جي ڪري بند ڪيا ويا آهن ۽ ڪي ڪرپشن جي ور چڙهيل آهن، ٿر جتي برساتون نه پوڻ سببن جَرُ کارو ٿي چڪو آهي پر ٿر جي ستن ئي تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڏاهلي، ننگرپارڪر ۽ ڪلوئي ۾به گهڻي ڀاڱي کوهه سُڪي ويا آهن،کوهن جو کارو ۽ وڏي انگ ۾سنکئي سان گدلو ٿيل پاڻي انساني بيمارين توڙي معاشي ڏيوالپڻي جو سبب بڻجي ٿو. جڏهن ته سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني (ايس اي سي ايم سي) دعويٰ ڪئي آهي ته  ٿرپارڪر ۾200 ميٽر گهرائي تي 9 ارب ڪيوبڪ فوٽ پاڻي جو ذخيرو آهي، پاڻي جو ٽي ڊي ايس (ٽوٽل ڊزاولڊ سولڊ) 5 هزار تائين جيڪو انساني صحت لاءِ خطرناڪ آهي، ان لاءِ اهو پاڻي ترت استعمال جي لائق ناهي، اهو پڻ چيو پيو وڃي ته انسان لاءِ اهو ليول 150 کان 250 تائين بهتر قرار ڏنو ويو آهي. اينگرو ڪول مائيننگ ڪمپني جي ڊائريڪٽر آپريشنز اينڊ مائينز مرتضيٰ رضوي جو چوڻ آهي ته سمنڊ جي پاڻي جو ٽي ڊي ايس ويليو 42 هزار آهي، جنهن ۾مڇيون پلجي سگهجن ٿيون.

ٿرپارڪر ۾نئين آدمشماري موجب 3 لک 24 هزار خاندان متاثر آهن، جڏهن ته مرشد سائين ۽ پرڏيهي وزير جي مهرباني سان ڪڻڪ پاڙيسري ملڪ افغاستان موڪلي وئي آهي پر ٿر جا والي وارث ٿريا اڄ به بک ۽ بيروزگاري سبب بي موت مري رهيا آهن اُتي وفاقي حڪومت ڪوبه ٻوٽو ٻاري ناهي سگهي. سنڌ سرڪار ته هونئن به روايت برقرار رکندي هن دفعي به ڪڻڪ جي مهرباني ڪئي آهي. جڏهن ته سينٽر تعلقن ۾قائم ڪيا ويا آهن ۽ ڪڻڪ به نادرا وٽ رجسٽرڊ ماڻهن کي ڏني وئي، جنهن سبب ڪيترائي حقيقي متاثر خاندان رهجي ويا آهن. انگ اکرن موجب 68 هزار خاندانن جا نالا رهجڻ جو انڪشاف ڪيو ويو آهي. سوال اهو آهي ته نادرا وٽ رجسٽرڊ ماڻهن کانسواءِ ٻي آبادي متاثر ناهي ڇا؟؟ اهو جواب سنڌ سرڪار کي ئي ڏيڻو آهي. اعلانيل  50 ڪلو ڪڻڪ مدد بدران مصبيت ضرور ثابت ٿي آهي، منصفاڻي ورڇ بدران سياسي بنيادن تي لسٽون تيار ڪيون ويون، ورهاست وارو عمل ڪرپشن جي نذر رهيو، خوراڪ ۽ روينيو عملي رشوت اوڳاڙي خلاف مقامي ۽ حقيقي متاثرن احتجاج ڪيو پر حڪومت جي ڪن تي جونءَ به نه سُري.

سوال اهو پڻ آهي ڇا ”ڪڻڪ“ ۽ ”پولي جوس“ جو دٻو ئي سنگين صورتحال جو حل آهي؟؟ ان تي به غور ويچار ڪرڻ جي ضرورت آهي پر ڏسڻو اهو به آهي ٿر جو هي مسئلو آخرڪار ڪٿي دنگ ڪندو؟؟ ڇا ٿرين جون قسمتون تبديل ٿي سگهنديون؟؟ يا صرف روايتي طور جڏهن ڏڪار اچڻ وقت ڪڻڪ جو اعلان ڪري حڪومت سمورين ذميواين کان پاڻ کي آجو قرار ڏيندي؟؟ يا مسقتل حل لاءِ به غور ويچار ڪيو ويندو، اهو انتهائي اهم سوال آهي. ٿر جي اها صورتحال ڪا نئين ڪانهي، ان بابت به اڳواٽ ڪي به انتظام نه ڪيا ويندا آهن، اها حڪومتن جي روايت رهي آهي جڏهن ڏڪار واري صورتحال ايندي آهي تڏهن صرف ڪڻڪ جي مهرباني ڪئي ويندي آهي ۽ ان ڪڻڪ جي ورڇ ۾ غير شفافيت جون شڪايتون رهنديون آهن، هن ڀيري نه صرف شڪايتون ڪيون ويون پر احتجاج به رڪارڊ ٿيا آهن.

سرڪار سڳوري مسلسل عالمي ادارن ۽ وفاق کي اپيلون ڪري امداد جي ڏس ۾اڻ پورو ان موڪلي پٽيلن جي پورائي ڪندي آهي.اين جي اوز وري ”سيلفي ۽ فوٽو“ ڪڍارئڻ وارو ڪارنامو سنجيدگيءَ سان سرانجام ڏنو آهي ۽ نالي جا سماجي اڳواڻ وري مذمتي ۽ ڏک ۾ برابر جا شريڪ ٿيڻ وارا بيان به ڏيندا رهيا آهن جيڪو به ڪافي ناهي، ٿر ۾ اين جي اوز ته هميشه مرجهائيندڙ ٻارڙن جي نالي تي پاڻ کي ڪيش ڪرائيندي رهي آهي پر سرڪار سڳوري پُڻ ٿر کي دبئي بڻائڻ واري خواب بدلي بک، بدحالي، افلاس، لڱ ڪانڊاريندڙ بيانن، موت جي تحفن ۽ خالي هٿن جي ڪشڪول، لولي پاپ سواءِ ٻيو ڏنو به ته ڇا آهي؟؟ ٻيو ته نالي جي سماجي اڳواڻن جا مذمتي ۽ ڏک سور ۾ برابر جا شريڪ ٿيڻ وارا بيان به ڪافي ناهن، اسان سمجهون  ٿا حڪومتي ۽ غير حڪومتي ادارن کي گهرجي ته امداد تي اجايا خرچ ڪرڻ ٿر جي لاءِ ڪي مستقل روزگار جا منصوبا يا رٿائون جوڙين ۽ ٿرين کي پنڻ نه سيکارين.

پيپلز پارٽي کي هن ڀيري چونڊن دوران ٿيندڙ رستا روڪ مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. نه ته عوامي بغاوت جي نتيجي ۾ ائين نه ٿئي ته ”نه رهي بانس، نه وڄي بانسري“. سنڌ سرڪار لاءِ هي وقت آهي ٿر جي مامري تي سنجيدگيءَ سان سوچڻ جو نه صرف سوچڻ جو پر ڪيل واعدن کي پاڙڻ جو. خير! پوءِ به اسان اميد ٿا ڪيون ته حڪمران عوام سان سچا ٿيندا.

ٻي صورت ۾ٿرين جو ڀاڳ به ڀٽائي جي هن بيت جهڙو رهندو.

اچو سورن واريون، ڪريون سور پچار،

ڪنين ٿورا ڪنين گهڻا، ناهي ڪا سورن ڌار،

ڏنا جي ڏاتار، مون جهولي پائي جهليا.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

زرعي گدلاڻ ۽ فصلن جون بيماريون:طالب سولنگي

زرعي گدلاڻ بابت ويچار ڪبو ته اسان کي ڪيترائي ڪارڻ نظر ايندا، جن جي ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے