13 منگل , نومبر 2018

دبئي ٽيسٽ ۽ پاڪستان اسڪواڊ: هڪ جائزو :سرمد سولنگي

جڏهن ڪرڪيٽ جو حسن (ٽيسٽ) پنهنجي مڪمل سونهن سان دبئي جي ميدانن تي لهندو آهي ته اچتو ان جي حسن کي داغ لڳي ويندو آهي، صبر ۽ برداشت جو امتحان وٺندڙ دبئي جي ميدانن تي جيڪڏهن ڪو به رانديگر ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو آهي ته اها سندس لاءِ وڏي ڪاميابي هوندي . ايشيا ڪپ ۾ بدترين ڪاڪردگي ڏيکارڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم گڏيل عرب امارتن ۾ ئي اسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم سان مقابلو ڪري رهي هئي جتي ٽيم پاڪستان کي ٻن ٽيسٽ ۽ 3 ٽي ٽوئنٽي مئچن جي سريز کيڏڻي آهي. سيريز جي پهرين ٽيسٽ مئچ 7 آڪٽوبر کان شروع ٿي اڄوڪي مضمون ۾ ذڪر ڪنداسين دبئي ٽيسٽ ۽ مئچ لاءِ چونڊيل پاڪستان جي يارنهن رڪني اسڪواڊ جو . پاڪستان ٽيم چوٿين ڏينهن پنهنجي ٻي نامڪمل اننگز 45 رنسون ٽن رانديگرن جي آئوٽ تي ٻيهر شروع ڪئي ۽ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 181 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ائين ڪينگروز کي مئچ کٽڻ لاءِ 462 رنسن جو ٽارگيٽ ميلو. دبئي ٽيسٽ ۾ هن وقت تائين جي صورتحال تي نظر ڊوڙائينداسين ته گرين شرٽس جي پوزيشن مضبوط نظر اچي رهي هئي، پر جيئن ته ڪرڪيٽ باءِ چانس پڻ آهي انڪري ڪجهه به چوڻ وقت کان اڳ هوندو. چوٿين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي ڪينگروز ٽيم3 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنسون ٺاهي ورتيون هيون، آسٽريليا کي پهرين ٽيسٽ کٽڻ لاءِ آخري ڏينهن تي باقي 326 رنسون ۽ پاڪستاني ٽيم کٽڻ لاءِ باقي 7 وڪيٽون کپنديون آهن. هي مئگزين اوهان جي هٿن ۾ هوندو ته ميچ جو نتيجو اچي چڪو هوندو.

دبئي ٽيسٽ لاءِ چونڊ يارنهن رڪني اسڪواڊ تي هڪ نظر

ايشيا ڪپ ۾ شرم جوڳي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پاڪستان ٽيم تي ٿيندڙ تنقيد کانپوءِ پاڪستان ڪينگروز خلاف ڪجهه سخت ۽ ۽ حيران ڪندڙ فيصلا ڪيا، ايشيا ڪپ ۾ ڇهن فاسٽ بالرن ۽ رڳو ٻن اسپنرن کي اسڪواڊ ۾شامل ڪيو جنهن تي ٽيم مئينجمنٽ مٿان تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي هئي، دبئي ٽيسٽ لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ محمد حفيظ جي 25 مهينن بعد ٽيم ۾ واپسي ٿي، ٻين رانديگرن ۾ امام الحق، اظهر علي، اسد شفيق، حارث سهيل، بابر اعظم، ڪپتان سرفراز احمد، ياسر شاهه، بلال آصف، وهاب رياض ۽ محمد عباس تي ٻڌل آهي.

ڪينگروز خلاف پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 6 بيٽسمين 2 فاسٽ ۽ 2 اسپنرن سان ميدان تي لٿي.

محمد حفيظ

پاڪستان جي موجودا ڪرڪيٽ ٽيم جي سڀ کان سينئر آل رائونڊر محمد حفيظ کي ايشيا ڪپ مان ڊراپ ڪرڻ تي جيڪا تنقيد پاڪستان ٽيم تي ٿي ان ٽيم جي ٿينڪ ٽينڪ تي گهرا اثر ڇڏيا اهو ئي سب آهي جو  آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم خلاف اعلانيل شروعاتي اسڪواڊ مان آئوٽ ٿيڻ باوجود کيس ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو ۽ کيس دبئي ٽيسٽ ۾ موقعو ڏنو ويو ۽ هن ٽيسٽ ۾ شاندار سينچري سان واپسي ڪئي، ٽيم لاءِ وڏي اسڪور جا بنياد وڌا ۽ ٽيم کي پنهنجي موجود هئڻ جو احساس ڏياريو،

امام الحق

امام الحق جڏهن کان ڊبيو ڪيو آهي تڏهن مٿس ڪارڪردگي ڏيکارڻ باجود به تنقيد ٿيندي رهي آهي، امام الحق ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ لاڳيتو بهترين ڪاڪردگي ڏيکاري رهيو آهي، پر هو مضبوط مخالفن اڳيان ٿورو پريشان پڻ نظر آيو آهي، ايشيا ڪپ ۾ پڻ هو ڀارت جي ڪوالٽي ۽ معياري بالنگ جو مقابلو نه ڪري سگهيو هو، جلد آئوٽ ٿي ويو هو، پر دبئي ٽيسٽ ۾ جهڙي ريت هن ڪنڊيشن ۽آسٽريلوي اٽيڪ جو ڄمي مقابلو ڪيو يقينن اها تعريف جوڳي ڪاڪردگي هئي. ڇاڪاڻ ته اڄ ڪلهه جي ڪرڪيٽ ۾ خاص طور ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ هڪ اوپنر لاءِ عالمي معيار جي بالنگ جو مقابلو ڪرڻ تمام ڏکيو هوندو آهي جڏهن بال نئون هجي ۽ سامهون مچل اسٽارڪ جي سطح جو بالر هجي ۽ اهو اڃا وڌيڪ مشڪل صورتحال هوندي آهي پر امام نه رڳو مچل اسٽارڪ پر سموري مخالف ٽيم جي مختلف حربن جو شاندار نموني مقابلو ڪيو ۽ ٻنهي اننگز ۾ ڪامياب ٿيو جيڪا سندس لاءِ فائديمند ثابت ٿيندي.

اسد شفيق ۽ اظهر علي

پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جڏهن کان يواي اي شفٽ ٿي آهي تڏهن کان پاڪستان ڪرڪيٽ اسد شفيق ۽ اظهر علي خدمتون انجام ڏيندا رهيا آهن ۽ موجودا ٽيسٽ اسڪواڊ ۾حفيظ کانپوءِ سڀ وڌيڪ تجربيڪار آهن. اظهر علي چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ مڪمل آئوٽ آف ڪلر نظر آيو آهي ۽ هو ون ڊي اسڪواڊ جو به حصو ناهي رهيو، پر لاڳيتو مايوس ڪندڙ ڪاڪردگي باجود هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو لازمي حصو رهندو پيو اچي. ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اظهر اڪيلي سر پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ ڪيئي يادگار اننگز کيڏي چڪو آهي، پر جڏهن ايترو تجربو رکندڙ بيٽسمين پنهنجي ڀيٽ ۾ ڪمزور مخالفن اڳيان وائڙائپ جو شڪار نظر اچي ته پوءِ ٽيم لاءِ پريشانيون وڌي سگهن ٿيون، انڪري کيس جلد کان جلد فارم ۾ واپس اچڻو پوندو ٻي صورت ۾ کيس ڊراپ ٿيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي. اسد شفيق کي پاڪستان ۾ سائلينٽ ڪلر جي نالي سان سڏيو ويندو آهي، هي خاموش مزاج بيٽسمين جنهن ڪيئي ڀيرا پاڪستان کي بحرانن مان ڪڍي چڪو آهي پهرين مئچ جي پهرين اننگز ۾ پڻ هو شاندار بيٽنگ ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيو هن 80 رنسن جي شاندار اننگز سان کيڏي.

بابر اعظم ۽ حارث سهيل

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو مستقبل ۽ ڪاميابين جي ضمانت بابر اعظم ۽ حارث سهيل

کي پڻ دبئي اسڪواڊ جو حصو بڻايو ويو جيڪو انتهائي زبردست فيصلو چئي سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ جو پاڪستان کي مستقبل جي تياري لاءِ انهن رانديگرن مان ڀرپور فائدو حاصل ڪرڻو آهي، محمد يوسف ۽ انضمام الحق کانپوءِ جيڪڏهن پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي سندن ڪو متبادل مڪمل بيٽسمين مليو آهي ته هو بنا کي شڪ جي بابر اعظم ئي آهي. بابر اعظم جيڪو ون ڊي ڪرڪيٽ ۽  ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاري چڪو آهي. پر ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ اڃا هو ڀرپور ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري  سگهيو، مان ان کان اڳ به مٿس عوامي آواز سنڊي ميگزين ۾ پورو مضمون لکي چڪو آهيان 23 ورهين جي ساڄي هٿ سان بيٽنگ ڪرڻ واري بابر اعظم نالي هن نوجوان ڪرڪيٽر کي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو ورلڊ ڪلاس بيسٽمين چئجي ته ڪو به واڌءُ نه ٿيندو. خاص طور تي ون ڊي ڪرڪيٽ ۽ ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ نوجوان بيٽمسين گهٽ عرصي ۾ پنهنجي لاجواب ڪارڪردگي سان سڀني جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ ۾ ڪامياب ويو آهي. عمر جي هن حصي ۾ جنهن تسلسل سان هو ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي ممڪن آهي ته ايندڙ ڏهن سالن ۾ هو پاڪستان ڪرڪيٽ جي ون ڊي تاريخ جو ڪامياب بيٽسمين بڻجي وڃي، کيس ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ون ڊائون پوزيشن تي کيڏايو پيو وڃي ۽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ هو اوپنر طور کيڏي رهيو آهي، جڏهن ته ٽيسٽ ڪرڪييٽ وري کيس 6 يا ستين نمبر تي کيڏايو پيو وڃي جنهن سبب کيس ڀرپور موقعو نه ٿو ملي.  حارث سهيل 2014 ۾ جڏهن پاڪستان لاءِ ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ ڊبيو ڪيو تڏهن کان ئي هي نوجوان پاڪستان لاءِ فائديمند رهيو بر بدقسمتي سان 2015 ۾ گوڏي جي انجري سبب هو پاڪستان ۽ ڪرڪيٽ جي ميدانن کي پري ٿي ويو ۽ کيس مڪمل فٽ ٿيڻ ۾ ٻه ورهيه لڳا ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر هو فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري پاڪستان ٽيم اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. 40 کان مٿي بيٽنگ ايوريج رکندڙ بيٽسمين کي واپسي بعد کيس اها موٽ ناهي ملي جيڪا کيس ملڻ گهرجي حارث هڪ مڪمل بيٽسمين آهي جنهن وٽ مئچ جو پاسو بدلائڻ جو صلاحتيون آهن پر افسوس جو هو ايشيا ڪپ دوران پاڪستان ڊريسنگ روم مئچ  نه کيڏندڙ رانديگر واري جرسي پهري پنهنجي واري جو انتظار ڪندو رهيو ۽ کيس هڪ مئچ کيڏائي وري ان بئنچ تي ويهاريو ويو. دبئي ٽيسٽ ۾ پڻ کيس موقعو فراهم ڪيو ويو ۽ هن شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي پنهنجي پهرين سينچري اسڪور ڪئي.

سرفراز احمد

دبئي جي ميدانن تي پنهنجي ڪجهه يادگار اننگز کيڏندڙ سرفراز احمد جڏهن کان ڪپتان بڻيو آهي ائين لڳي رهيو آهي ڄڻ بيٽنگ کائنس وسري وئي آهي. هو دبئي ٽيسٽ ۾ رڳو فيصلا ڪندي ئي نظر آيو.

وهاب رياض جي واپسي ۽ بلال آصف جو ڊبيو

دبئي جي بي جان وڪيٽن تي وهاب رياض جهڙي فاسٽ بالر کي کيڏائڻ وارو فيصلو سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ تي دبئي جا ميدان سندس لاءِ ڪو خاص سازگار ناهن اهڙو ئي ڪجهه آسٽريلوي ورلڊ ڪلاس فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ سان پڻ ٿيو، هو رڳو پنهنجا اوور ئي مڪمل ڪري سگهيو، بلال آصف اڄ کان ٽي سال اڳ  آڪٽوبر 2015 ۾ پاڪستان لاءِ  زمبابوي خلاف ڊبيو ڪيو ۽ نومبر 2015 ۾ شڪي بالنگ ايڪشن جي زد ۾ اچي ٽيم مان ڊراپ ٿيو ته وري کيس پاڪستان ٽيم واپسي ڪندي ڪندي ٽي ورهيه گذري ويا . دبئي ٽيسٽ ۾ هن ڊبيو ڪيو جيڪو سندس يادگار ڊبيو رهيو هن دبئي ٽيسٽ مئچ جي ٽئين ڏينهن ڪينگروز جي 6 بيٽسمين کي پويلين جي راهه ڏيکاري.

محمد عباس ۽ ياسر شاهه

ياسر شاهه ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان جو مستقل ميمبر آهي ۽ گذريل چئن ورهين کان پنهنجي لاجواب بالنگ سان مخالفن کي پريشان ڪندو رهيو آهي، هن مئچ ڪينگروز بيٽسمين سندس خلاف متحاط انداز ۾ کيڏيا سندس خلاف ڪا به غلط شارٽ کيڏڻ کان پاسو ڪندا رهيا،  جيئن ته هو ان سيريز ۾ واپسي ڪري رهيو(ياسر شاهه انگلينڊ جي دوري تي ويندڙ پاڪستان ٽيم جو حصو نه هو) انڪري هن پنهنجي ان فارم ۾ واپس اچڻ لاءِ ٿورو وقت گهربل آهي ۽ اميد آهي ته هو تمام جلد پنهنجي مڪمل صلاحيتن سان مخالفن تي حاوي ٿيندي نظر ايندو. ڪافي عرصي کانپوءِ محمد عباس جي صورت ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان کي هڪ وڪيٽ ٽيڪر فاسٽ بالر مليو آهي، جيڪو ڪنهن به ڪنڊيشن ۾ ڪنهن به مخالف ٽيم خلاف وقت تي وڪيٽون وٺڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو، هن دبئي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ شاندار بالنگ ڪندي 4 ڪينگروز بيٽسمينن کي پويلين جي راهه ڏيکاري.

جيئن ته پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم مستبقل جي تيارين ۾ مصروف آهي پر ان هوندي ڊرسنگ روم ويٺل انهن رانديگرن ڏانهن به توجهه ڏني وڃي جيڪي پنهنجي واري جو انتظار ڪري رهيا آهن، دبئي ۾ ٻن فاسٽ بالرن سان ميدان تي لهڻ وارو فيصلو سٺو پر ڪهڙو فاسٽ بالر کيڏائڻو آهي اهو فيصلو پاڪستان ٿينڪ ٽينڪ نه ڪري سگهي. وهاب رياض 2015 جي عالمي ڪپ جي ڪوارٽر فائينل ۾ ڪرايل اُن يادگار اسپيل کانپوءِ ٻيهر وري اهڙي ڪارڪردگي نه ڏيکاري سگهيو آهي جنهن سبب جو لاڳيتو ٽيم مان ان آئوٽ ٿيندو رهيو آهي، سندس جاءِ جيڪڏهن پاڪستان ٽيم دبئي جي بي جان وڪيٽن شاندار رڪارڊ رکندڙ جنيد خان کي موقعو ڏئي ها ته شايد پاڪستان لاءِ وڌيڪ فائديمند ثابت ٿي ها . جيئن تي پاڪستان کي دبئي ۾ ڏکڻ آفريڪا ۽ نيوزيلينڊ جي ٽيمن سان ٽيسٽ، ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سريز کيڏڻيون آهن انڪري انهن کي رانديگرن کي پڻ آزمايو وڃي. ته جيئن هو مستقبل لاءِ پاڻ تيار ڪري سگهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽي ٽوئنٽي ۾ پاڪستان جو لڳاتار يارهين سيريز کٽڻ جو ريڪارڊ:سرمد سولنگي

گذريل ٻن ورهين کان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 30 ٽي ٽوئنٽي ميچون کيڏيون آهن، جن مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے