16 منگل , اکتوبر 2018

حڪومت جي موجوده مڪاني نظام کي ختم ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت موجوده مڪاني نظام کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي جڏهن ته متبادل طور تيار ڪيل نئين مڪاني نظام جو بل ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو ويندو. ذريعن موجب نئين مڪاني نظام وارو بل اسيمبلي هئڻ بعد چار مهينن ۾ مڪاني چونڊون ڪرايون وينديون.  معاملي بابت ذريعن جو چوڻ آهي ته مقامي حڪومتن جي نظام جي مسودي ۾ مختلف معاملن تي اتفاق ڪيو ويو آهي. نئين مڪاني نظام موجب هر ضلعي سطح تي هڪ ميئر هوندو جنهن جي چونڊ سڌي ٿيندي، يونين ڪونسلز جي جاءِ تي ويليج ڪونسل بڻايون وينديون. ويليج ڪونسل جو حجم يونين ڪونسل جي مقابلي ۾ ننڍو هوندو پر ان جي سربراهه جي سڌي چونڊ ٿيندي. نئين مڪاني نظام ۾ ايڊمسٽريٽو ۽ سروسز جا کاتا به ميئر جي ماتحت هوندا. خيبر پختونخواهه ۽ پنجاب حڪوتم ان نقطي تي متفق آهي ته ميئر ۽ ڊسٽرڪٽ چيئرمين جي چونڊ پارٽي بنياد تي ڪيو ويندو پر ويليج ڪونسل ۽ پاڙيسري ملڪن جي چونڊ غير پارٽي بنياد تي ٿيندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے