16 منگل , اکتوبر 2018

رشوت جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪنداسين: شاهه فرمان

پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي شاهه فرمان سيڙپڪارن کي چيو آهي ته سرڪاري کاتن ۾ رشوت ۽ ڪميشن جي نشاندهي ڪيو. هن خاطري ڪرائي ته نشاندهين تي ڪارروائي ڪنداسين. ميڊيا جي رپورٽن موجب هن خيبرپختونخواهه بورڊ آف انويسمنٽ اينڊ ٽريڊ جي سهڪار سان پشاور ۾ خانگي فائبر نيٽ ورڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب بعد هن باضابطا طور تي نيٽ ورڪ جو افتتاح به ڪيو. نئي فائبر نيٽ ورڪ  سان پشاور ۾ تيز رفتار انٽرنيٽ، ڊجيٽل ٽي وي ۽ ٽيليفون جون سهولتون ڏنيون وينديون. ميڊيا جي رپورٽن موجب خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان چيو ته نيٽ ورڪ طرفان صوبي ۾ 1500 ملين رپين جي سيڙپڪاري ادارن تي اعتماد جو ثبوت آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے