16 منگل , اکتوبر 2018

چيف جسٽس جو ٿر جي دوري جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته ٿر ۾ ٻارن جي مرڻ واري عمل کي روڪڻ لاءِ هنگامي بنيدا تي بندوبست ڪيا ويندا، هن چيو ته هو آڇر جي ڏينهن مٺي اسپتال جو دورو ڪندو. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ قائم ٽي رڪني بينچ ٿر ۾ ٻارن جي موت بابت پاڻمرادي نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف جسٽس حڪم ڏنو ته مٺي اسپتال ۾ هاڻ ڪنهن ٻارڙي کي مرڻ نه گهرجي، اسپتال ۾ سموريون سهولتون هئڻ گهرجن. چيف جسٽس عدالت م موجود ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي مخاطب ڪندي چيو ته ٿر جون ڪهڙيون حالتون آهن؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عدالت کي ٻڌايو ته ٿر جي ماڻهن کي ڪڻڪ جي فراهمي ڪئي پئي وڃي، ٿر ۾ اڪثر هندو برادري آهي ۽ هو گوشت کائڻ پسند نٿا ڪن. ايڊووڪيٽ جنرل جو چوڻ هو ته صوبائي حڪومت ڪڻڪ، چانور ۽ دالن جو پيڪيج ڏيڻ جو منصوبو تيار ڪيو آهي، جيئن به ممڪن ٿيو خوراڪ جا پيڪيٽ فراهم ڪنداسين. ان تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خوراڪ جو معيار به بهتر هئڻ گهرجي، ماڻهو خوراڪ جي کوٽ ۽ پاڻي نه هئڻ سبب مري رهيا آهن. ٻڌڻي دوران ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ٿر ۾ 60 هزار ماڻهو غربت جي لڪي کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، ٿر ۾ 12 کان 13 سالن جي عمر ۾ ٻارڙن جي شادي ڪئي وئي آهي، اهڙيون ٻارڙيون خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿينديون آهن. چيف جسٽس چيو ته اِهو بنيادي حق جو مسئلو آهي، ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ به آهي، ڇا حڪومت ٿر ۾ پاڻي فراهم ڪري رهي آهي؟ ان تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ٿر ۾ پاڻي ڏيڻ بدران ٿر وارن کي پاڻي جي ويجهو آڻڻو آهي. چيف جسٽس چيو ته آڇر تي آئون پاڻ ڏسندو ته ڪهڙا مسئلا آهن ۽ جائزو وٺندس ته ٿر وارن کي ڪهڙيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Abu Dhabi: The second test match in Pakistan and Australia started today

ابوظهبي ٽيسٽ:پاڪستان جي مئچ ۾ واپسي، فخر زمان نروس نائنٽيز جو شڪار

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) آسٽريليا خلاف ابوظهبي ٽيسٽ ۾ 57 رنسن تي 5 وڃائڻ کانپوءِ قومي ٽيم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے