16 منگل , اکتوبر 2018

محمد عباس کي رڳو ٽيسٽ تائين محدود رکيو وڃي: سعيد اجمل

Youth should learn from past cricketers: Saeed Ajmalلاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ آف اسپنر سعيد اجمل فاسٽ بالر محمد عباس کي رڳو ٽيسٽ ميچن تائين محدود رکڻ جي حمايت ڪندي چيو آهي ته هو هن وقت ٽيسٽ ڪرڪيٽ جو ڪامياب ترين بالر آهي، جيڪو نيوزيلينڊ ۽ ڏکڻ آفريڪا خلاف ٽيسٽ ميچن ۾ ٽيم جي ڪاميابين ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. پنهنجي بيان ۾ سعيد اجمل جو چوڻ هو ته دبئي جي ڪنڊيشن ۾ رڳو انهن کي بالرن کي ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ کيڏائي وڃي، جيڪي اڳ کان ٽيم جي نمائندگي ڪري رهيا آهن. محمد عباس جيڪڏهن ٽيسٽ فارميٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو ناهي ان کي ٻين فارميٽن ۾ شامل ڪيو وڃي، مان ان ڳالهه جي حق ۾ ضرور آهيان ته محمد عباس کي انگلش ڪنڊيشن ۾ ورلڊ ڪپ لاءِ اسڪواڊ جو حصو بڻايو وڃي، ڇو ته هو اتي مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو، في الحال ان کي رڳو ٽيسٽ ڪرڪيٽ کيڏائي وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

يو ايف سي چيمپيئن خبيب، فلائڊ مي ويدر کي چئلينج ڪري ڇڏيو

لاس ويگاس( اسپورٽس نيوز ) مڪس مارشل آرٽ الٽيميٽ فائٽنگ چيمپيئن ( يو ايف سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے