16 منگل , اکتوبر 2018

ڀارت جون ظالماڻيون ڪارروائيون، 2 ڪشميري شهيد

Determination of local elections in the Kashmir and complete strike in the Kashmir regionسرينگر(ويب ڊيسڪ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز پنهنجون ظالماڻيون ڪارروائيون جاري رکندي وڌيڪ ٻن ڪشميرين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪشمير ميڊيا سروس موجب ضلعي ڪپواڙا ۾ رهواسي ڀارت جي رياستي دهشتگردي ۽ خالي هٿين ڪشميرين تي ظلم ڪرڻ تي پنهنجو آواز اٿاريندي روڊن تي نڪري آيا، مظاهرو ڪندڙن طرفان ڀارتي بربريت جي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپواڙا ضلعي جي علائقي ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جاري آهي، قابض فوج علائقي کي ڪڙو چاڙهي رکيو آهي ۽ جهڙتي دوران ٻن معصوم ڪشميري نوجوانن کي فائرنگ ڪري شهيد ڪري ڇڏيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خانگي اسڪول پنهنجا آڊٽ اڪائونٽ پيش ڪن، مناسب في مقرر ڪنداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن کي آدٽ اڪائونٽس جمع ڪرائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے