16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: مٺي: يوسي پروجيڪٽ جي ملازمن جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

يو سي جي پروجيڪٽ ڪامياب يا ناڪام آهي؟،سپريم ڪورٽ نوٽيس وٺي جاچ لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي ،ثمر مبارڪ کي عدالت ۾ گهرائي سخت پڇاڻو ڪيو  جڏهن ته ،ساڍا چار سئو ملازمن کي چئن مهينن کان پگهارون نه ملڻ توڙي پڪو نه ڪرڻ خلاف ملازمن جو احتجاج مسلسل جاري آهي.

ٿرڪول انڊر گئيسفڪيشن يو سي جي منصوبي تي چار ارب رپيا خرچ ٿيڻ باوجود پروجيڪٽ ڪاميابي ماڻي ناهي سگهيو،جنهن سبب منصوبو هڪ سال کان بند پيل آهي جيڪو مشينري جي قبرستان ۾ تبديل ٿي ويو آهي،جنهن سبب منصوبي مان وفاقي توڙي صوبائي حڪومتون ۽ يو سي جي ڪمپني به هٿ ڪڍي وئي آهي.

سپريم ڪورٽ منصوبي جي بند ٿيڻ جو سختي سان نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي،چيف جسٽس ثاقب نثار يو سي جي ڪمپني جي سربراھ ڊاڪٽر ثمر مند مبارڪ کي عدالت ۾ گهرائي سخت پڇاڻو ڪندي چيو ته منصوبي بابت ٻڌايو وڃي ته ڇا ٿيو آهي؟

 ڊاڪٽر ثمر مبارڪ ٻڌايو ته منصوبو ڪامياب آهي،8 ارب گهربل آهن جيڪي ناهن ڏنا ويا،ن ليگ جي وفاقي وزير احسن اقبال فنڊ بند ڪيا،وفاقي توڙي صوبائي حڪومت وارثي نه ڪئي،جنهن تي چيف جسٽس چيو ته چار ارب ڪٿي خرچ ٿيا آهن اتي وڃي ڏسڻو پوندو ته اتي ڪيترو ڪم ٿيو آهي،چار ارب ٻڏڻ نه ڏنا ويندا،سپريم ڪورٽ منصوبي جي جانچ لاءِ ڪاميٽي جوڙي ورتي آهي.جنهن کي جانچ جو حڪم ڏنو ويو آهي.

ٻئي پاسي ٿرڪول بلاڪ 5 يو سي جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪندڙ ملازمن جون گذريل چار مهينن کان پگهارون نه ملڻ توڙي ريگيولر نه ڪرڻ خلاف مختلف شهرن ۾ شروع ڪيل احتجاج جو سلسلو مسلسل جاري آهي،جن احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ان  موقعي تي  اڳواڻن دانهيندي چيو ته هو يوسي جا  460 ملازم سوا مهيني کان احتجاج ۽  بک هڙتال ۽ ڌرڻا هڻي رهيا آهن،پر سرڪار نوٽيس نٿي وٺي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: مٺي : اسلام ڪوٽ جا آر او پلانٽ بي لاڀ، رهواسي پاڻي ڍڪ لاءِ دربدر

*اسلام ڪوٽ  ۾  لکين رپين  جي لاڳت سان سان ٺهيل آر او پلانٽ عوام لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے