16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: جهڏو: ٻهراڙي مرڪز جي عمارت جا چاپڙ ڪرڻ سبب عملو محفوظ

جهڏي  جي  پنجاهه سال پراڻي رورل هيلٿ سينٽر جي عمارت زبون حالي سبب  چاپڙ ڪري پيا، ڊاڪٽر معجزاڻي طور محفوظ رهيا.

1963 ۾ تعمير ٿيل رورل هيلٿ سينٽر  جي عمارت هن وقت مڪمل زبون حالي جو شڪار ٿي وئي، جنهن سبب ڇت مان چاپڙ ڪري پيا.

 اسپتال جي ديوارن ۾ ڏار پئجي ويا، جنهن  سبب علاج لاءِ  ايندڙ مريضن ۽ ڪم ڪندڙ عملي جون زندگيون داءَ تي لڳل آهن .

 اسپتال جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا، ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر عمران ٽالپر ۽ سندس عملو معجزاڻي طور بچي ويو.

 رورل هيلٿ سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ عملي پاران مطالبو ڪيو ويو ته 30 ڪروڙ روپين جي لاڳت سان نئين تعمير ڪيل عمارت جو ڪم جلد مڪمل ڪري نئين بلڊنگ ۾ شفٽ ڪيو وڃي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڙي: ايس ٽي پي پاران سنڌودرياءِ تي ڊيم ٺاهڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف احتجاج

*ڪوٽڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌودرياءِ  تي ڊيم ٺاهڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے