16 منگل , اکتوبر 2018

سپريم جوڊيشل ڪونسل جي سفارش تي جسٽس شوڪت عزيز کي عهدي تان هٽايو ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم جوڊيشل ڪونسل جي سفارش تي هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي عهدي تان هٽايو ويو آهي. تفصيل موجب سپريم جوڊيشل ڪونسل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش صدر ڏانهن موڪلي جنهن کي هن منظور ڪري ورتو جنهن بعد جسٽس شوڪت جي عهدي تان هٽايو ويو آهي جڏهن ته ان حوالي سان قانون ۽ انصاف واري وزارت برطرفي جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. سپريم جوڊيشل ڪونسل جي چيئرمين طرفان صدر ڏانهن موڪلي سمري ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس شوڪت عزيز صديقي 21 جولاءِ  تي راولپنڊي بار جي تقريب ۾ خطاب ڪندي حساس اداري جي خلاف بيان ڏنو، جسٽس شوڪت ضابطا اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪئي جنهن بعد هو پنهنجي عهدي رهڻ جو اهل نه رهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيه 75 پئسا في يونٽ اضافي جو فيصلو ڪري ڇڏيو

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) وفاقي سرڪار بجلي جي اگهن ۾ 3 رپيه 75 پئسا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے