16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: گٽڪي جي وڪري ۽ واهپي تي قلم 144 لاڳو: نوٽيفڪيشن پڌرو

سنڌ حڪومت انساني زندگين لاءِ خطرناڪ قرار ڏنل زهريلي گٽڪي خلاف 3 مهينن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪندي پابندي مڙهي ڇڏي آهي.

سنڌ جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪندي ڄاڻايو آهي ته گٽڪو وڪرو ڪندڙ، کائيندڙ ۽ گٽڪو تيار ڪندڙ ۽ فيڪٽرين جا مالڪ قانون جي پڪڙ ۾ هوندا.

 ٺٽي ضلعي اندر هزارين گهر ويران ڪندڙ ڪينسر جو سبب بڻجندڙ زهريلي گٽڪي خلاف ڊي سي ٺٽو جي سفارشن تي سنڌ جي گھرو کاتي قلم 144 لاڳو ڪندي نوٽيفيڪشن جاري ڪيو آهي .

 نوٽيفيڪشن موجب گٽڪو تيار ڪندڙ توڙي فيڪٽري جو مالڪ، گٽڪو وڪرو ڪندڙ ۽ گٽڪو کائيندڙ خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ پڻ گٽڪي خلاف سخت هدايتون جاري ڪري چڪي آهي. جڏهن ته گٽڪي جي روڪٿام لاءِ ڊي سي ٺٽو مانيٽرنگ ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون آهن.

 مانيٽرنگ ڪميٽين ۾ ايس ايس پي ٺٽو، ڊي ايس پيز، اسٽنٽ ڪمشنرز، اي ڊي سي ون، ڊي ايڇ او، پبلڪ پراسيڪيوٽر، ڊسٽرڪٽ اٽارني، ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر، مرف، ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن سميت ٻيا ميمبر شامل آهن.

مانيٽرنگ ڪميٽيون گٽڪي خلاف پوري ضلعي اندر ڪارواين کي تيز ڪري هفتيوار رپورٽ ڪميٽي جي چيئرمين ڊي سي ٺٽو کي اماڻيندي.

ضلعي انتظاميه پاران گٽڪي جي واهپي خلاف آگاهي مهم، سيمينار ۽ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: مٺي : اسلام ڪوٽ جا آر او پلانٽ بي لاڀ، رهواسي پاڻي ڍڪ لاءِ دربدر

*اسلام ڪوٽ  ۾  لکين رپين  جي لاڳت سان سان ٺهيل آر او پلانٽ عوام لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے