22 پیر , اکتوبر 2018

نواز شريف واعدا پورا ڪيا: حمزه شهباز

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز شريف چيو آهي ته اڃان 50 ڏينهن ٿيا آهن هڪ شخص چوي ٿو ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف  کان قرض ورتو ته آپگهات ڪندس. هو تڪ اين اي 63 ۾ رٿيل چونڊ جلسي کي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي چونڊ اميدوار بيرسٽر عقيل ملڪ به خطاب ڪيو. حمزه شهباز شريف چيو ته آپگهات جي ڳالهه ڪندڙ چوي ٿو ته قرض وٺي ڇڏيو ته ڪهڙي قيامت اچي وئي؟ هن چيو ته نواز شريف واعدو ڪيو هو ته ملڪ کي اونداهي مان ڪڍنداسين. هن دعويٰ ڪئي ته ديامر ڀاشا ڊيم جي زمين نواز شريف خريدي آهي. اين اي 63 تي چونڊ اميدوار بيرسٽر عقيل ملڪ خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان جو عوام تبديلي کي رد ڪري چڪو آهي. هن چيو ته نواز شريف غريبن جو ڏک ۽ سور دل ۾ رکندو آهي. هن چيو ته اليڪشن کان پهرين نواز شريف کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ننڍي چونڊ کان اڳ شهباز شريف گرفتار آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے