22 پیر , اکتوبر 2018

رپورٽ: سنڌ يونيورسٽي ۾ڪرپشن، وڏي وزير پاران اينٽي ڪرپشن کي جاچ جو حڪم

سنڌ يونيورسٽي  جي فنڊن ۾بدعنواني جي انڪشاف کانپوءِ  سنڌ جي وڏي وزير جي حڪم تي اينٽي ڪرپشن  جاچ شروع ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.

وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت  برفت  جي مقرري کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي   بئنڪ ۾ پيل  سمورا فنڊ  هٿ جي صفائي کانپوءِ  خالي ٿي ويا هئا.

سنڌ يونيورسٽي  قرض تي هلڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي نوٽيس بعد اينٽي ڪرپشن سنڌ يونيورسٽي  جي ڊائريڪٽر فنانس کي  نوٽيس جاري ڪيو آهي .

 اينٽي ڪرپشن جي اختيارين جو چوڻ آهي ته وڏي وزير جي خاص هدايتن تي معاملي جي انڪوائري شروع ڪئي آهي.

مليل ڄاڻ موجب سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جي مقرري کان پوءِ يونيورسٽي جا انتظامي معاملا نه صرف رولڙي جو شڪار ٿي  ويا آهن پر يونيورسٽي جو بئنڪ اڪائونٽ پڻ خالي ٿي ويو آهي.  يونيورسٽي جا سمورا  انتظامي معاملا يونيورسٽي انتظاميا پاران کنيل قرض واري رقم تي هلي رهيا آهن.

اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن (اسٽبلشمينٽ) فياض عباسي ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر اينٽي  ڪرپشن ضمير عباسي کي معاملي جي شفاف انڪوائري ڪرڻ جون خاص هدايتون جاري ڪيون  آهن.

وڏي وزير جي هدايت بعد اينٽي ڪرپشن کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ضمير عباسي پاران ڊائريڪٽر فنانس کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.

 يونيورسٽي انتظاميا ڏانهن اماڻيل نوٽيس ذريعي ڊائريڪٽر فنانس کان  فنڊن جا  تفصيل طلب ڪيا آهن.

 ان حوالي سان ذريعن موجب جنوري 2017ع تي سنڌ يونيورسٽي ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت جڏهن چارج سنڀالي هئي ته ان وقت يونيورسٽي جي 52 بينڪ کاتن ۾ مجموعي طور تي هڪ ارب 10 ڪروڙ رپيا بچت ۾ پيل هئا.

ذريعن موجب فتح محمد برفت جي اچڻ کان پوءِ هن وقت تائين اداري جا 27 بينڪ اڪائونٽ خالي پيل آهن ۽ يونيورسٽي 20 ڪروڙ رپين جي قرض تي هلي رهي آهي.

ترجمان موجب وڏي وزير يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد برفت ۽ ڪرپشن توڙي بدانتظامي ۽ پنهنجا نوازي ۾ ملوث ٻين ڪامورن توڙي لاڳاپيل ڌُرين خلاف جاچ ۾ ڪنهن جو به دٻاءُ قبول نه ڪيو وڃي.

ذريعن موجب سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه وائيس چانسلر فتح محمد برفت خلاف ڪرپشن جا ثبوت ڏسڻ بعد جذباتي پڻ ٿي ويو ۽ سندس هدايتن کان پوءِ اينٽي ڪرپشن کاتي جي انڪوائري ٽيم پڻ حرڪت ۾ اچي وئي آهي.

وائيس چانسلر جي گھر وارن ۽ آفيس جي استعمال لاءِ گاڏين  بابت  اينٽي ڪرپشن کاتي پاران اماڻيل نوٽيس ۾ تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.

 ڊاڪٽر فتح محمد برفت گاڏين ۾ تيل ڪيترو ڀرايو؟ کيس جاچ ۾ اهي تفصيل به پيش ڪرڻا پوندا..!

اينٽي ڪرپشن کاتي جي اختيارين پاران نه رڳو يونيورسٽي ۾ جاري ڪيل ٺيڪن، اختيارن جي ناجائز استعمال، من پسند استادن کي ترقيون ڏيڻ توڙي من پسند ٺيڪيدارن کي رشوت عيوض ٺيڪا ڏيڻ جا تفصيل گھريا  آهن پر کانئس گھر وارن جي استعمال هيٺ سرڪاري گاڏين توڙي سندس ذاتي استعمال هيٺ سرڪاري گاڏين جا تفصيل پڻ طلب ڪيا آهن.

اينٽي ڪرپشن جي جاچ ٽيم پاران کانئس پئٽرول واري ڪارڊ جا به تفصيل گھريا ويا آهن.

 ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح برفت پنهنجي مٿان لڳل الزامن کي رد ڪندي ”عوامي آواز“  کي ٻڌايو  ته هو وڏي وزير پاران جوڙيل اينٽي ڪرپشن ٽيم جي آجيان ڪري ٿو، شفاف جاچ ڪري معاملو وائکو ڪيو وڃي

 سيد مراد علي شاھ جي ترجمان رشيد چنا پڻ تصديق ڪندي چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي ۾ ٿيل ميگا ڪرپشن واري معاملي تي وڏي وزير جي هدايت بعد جاچ شروع ڪئي وئي آهي

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز| چوهڙجمالي ۾ ايس ٽي پي ڪارڪن ڇو نڪتا روڊن تي؟ وفاقي حڪومت کي ڪهڙو ڏنائون چتاءُ ؟ڄاڻي حيران ٿي ويندو

چوهڙ جمالي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پراان ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌري آبادڪاري خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے