22 پیر , اکتوبر 2018

ٿر ۾ هڪ ڏينهن ۾ وڌيڪ 5 ٻار فوت، ڪيترائي اسپتال ڀيڙا

Mithi: No healthcare, nutritional diet and illness kill more than 6 childrenمٺي(رپورٽ:غازي بجير)ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال  جيئن پوءِ تيئن خراب ٿي رهي آهي. خوراڪ جي کوٽ ۽ علاج جي سهولتن جي اڻهوند سبب وڌيڪ 5 معصوم زندگيون وڃائي ويٺا آهن. خبرموجب: ضلعي جي ستن ئي تعلقن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ڪلوئي، ڏاهلي، ڇاڇرو ۽ ننگرپارڪر جي 26 سئو ڳوٺن ۾ حالتون ڀيانڪ ٿي ويون آهن، ڏڪار سبب چوپائي مال جو چارو ختم ٿيڻ سان گڏ کوھ سڪي ويا آهن، ٻهراڙين جي ڳوٺن ۾ ڪيترائي آر او پلانٽس بند پيل آهن، جنهن سبب ماروئڙا پيئڻ جي پاڻي ڦڙي لاءِ پريشان آهن،ٻئي پاسي ٿر جي معصوم گلن جهڙن ٻارڙن کي غذائي کوٽ سبب بيمارين گهيري ورتو آهي، سول اسپتال مٺي ۾ خوراڪ جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي وڌيڪ 5 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن، جنهن بعد هلندڙ مهيني فوتي ٻارڙن جو انگ 15 ٿي ويو آهي، فوتي ٻارڙن ۾ 8 ڏينهن جو حفيظ، ٻن مهينن جي ڪويتا، ڏيڊ مهيني جو آڪاش ۽ گومندو جو تازو ڄاول ٻارڙو ۽ ڍنڍور واسي هرسنگهه ٺڪر 2 مهينن جو پٽ شامل آهن، هلندڙ سال فوتي ٻارڙن جو انگ 491 ٿي ويو آهي، ٿر جي سمورين اسپتالن مٺي، اسلام ڪوٽ، ڏيپلو، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڪلوئي، چيلهار، ڏانو،کينسر توڙي ٻهراڙين جي ڊسپينسرين ۾ سهوليتن جي کوٽ برقرار آهي، ٻهراڙين ۾ ڪيتريون ئي ڊسپينسريون بند پيل آهن ۽ ڪيترين ئي ڊسپينسرين جي ايس اين اي ناهي ٿي،عمارتون موجود هجڻ باوجود عملو مقرر ناهي ڪيو ويو جنهن سبب اتان جا ڏڪار سٽيل مريض شهرن جي اسپتالن ۾ دربدر ٿي رهيا آهن اتي به علاج بدران کين ريفر ٿيڻ جي پرچي هٿ ۾ ڏيئي روانو ڪيو ويندو آهي. صحت کاتي سنڌ ٿر جي اسپتالن ۾ سهوليتن جي کوٽ جو نوٽيس ناهي ورتو جڏهن ته مٺي سول اسپتال ۽ اسلام ڪوٽ سميت ٻين اسپتالن ۾ ميڊيڪل ڊاڪٽرن، گائينا ڪولاجسٽ ڊاڪٽرياڻين سميت ٻئي عملي جون سوين پوسٽون پڻ خالي پيل آهن،جن تي ڪابه مقرري ناهي ٿي سگهي، عدالتي دورن باوجود لاڳاپيل کاتي جا عملدار توڙي ڊي سي اگهور ننڊ ستل آهن، سيشن جج جي حڪم تي سول جج اسپتالن ۽ گدامن جا دورا ڪري رپورٽون ٺاهي رهيا آهن، جيڪي هاءِ ڪورٽ کي موڪليون وينديون، ضلعي انتظاميا جي ڪن لاٽار ۽ معاملي کي ميڊيا جو ڊرامو قرار ڏنو پيو وڃي. ٻئي پاسي معلوم ٿيو آهي ته آچر ڏينهن چيف جسٽس آف پاڪستان ثاقب نثار مٺي ۽ اسلام ڪوٽ جي دوري تي پهچڻ جا امڪان آهن.0630

هي به ڏسي سگهو ٿا

پنجاب اسيمبلي ۾ هر دور ۾ هنگامو ۽ احتجاج ٿيندو رهيو آهي: حمزا شهباز

لاهور (م ڊ)مسلم ليگ ن جي مرڪزي اڳواڻ، پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حمزه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے