21 اتوار , اکتوبر 2018

آءِ ايم ايف پاڪستان کان سمورن قرضن جا شفاف تفصيل گهري ورتا

The IMF has provided comprehensive loan details for all Pakistanانڊونيشيا(ويب ڊيسڪ)  انڊونيشا ۾ ناڻي واري وزير  اسد عمر ۽ آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽين لاگارڊ جي ملاقات، انٽرنيشنل مانيٽر فنڊ پاڪستان کان سمورن قرضن جا شفاف تفصيل گهري ورتا. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اسد عمر ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪسان جي گورنر طارق باجوا انڊونيشيا جي ٻيٽ بالي ۾ آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽين لاگارڊ سان ملاقات ۾ مالي مدد جي باظابطا درخواست ڏني هئي. ان موقعي تي آءِ ايم ايف جي سربراهه ڪرسٽين لاگارڊ جو چوڻ هو ته قرض ڏيڻ لاءِ اهو ڏٺو ويندو آهي ته ملڪ ڪهڙي نوعيت قرض وٺي چڪو آهي ۽ وڌيڪ ڪيتري قرض جو بار برداشت ڪري سگهي ٿو. ڪرسٽين لاگارڊ چيو ته قرضن جو شفاف ۽ واضح هئڻ واري شرط رڳو پاڪستان لاءِ ناهي، اها پاليسي قرض وٺندڙ سمورن ملڪن تي لاڳو ٿيندي آهي. ته جيئن قرضن جي پائيداري بابت پنهنجن ميمبر ملڪن جو اتفاق حاصل ڪري سگهجي.  ڪرسٽين لاگارڊ جو وڌيڪ چوڻ هو ته آءَ ايم ايف اينٽي  مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد روڪڻ بابت پڻ ٽيڪنيڪي مدد فراهم ڪندو آهي ۽ اداري جي ڪوشش هوندي ته وڌ کان وڌ ميمبر ملڪن کي اها مدد فراهم ڪئي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے