22 پیر , اکتوبر 2018

ٿر لاءِ ڪميٽي قائم، گيسيفڪيشن جاچ نيب حوالي، آصف ۽ بلاول ٿرين تي خرچ ڪن: چيف جسٽس

Chief Justice inaugurated Greater Karachi Sialaj Plan S Thari Project in Hyderabadاسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙن جي موت بابت ڪميٽي قائم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجا پئسا انهن علائقن تي خرچ ڪن. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙن جي موت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران سنڌ جي چيف سيڪريٽري سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. ٻڌڻي شروع ٿي ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته ٿر جي ماڻهن کي ڪڻڪ سميت خوراڪ جون شيون مهيا ڪيون ويون آهن، متاثر علائقن ۾ ڳچ آبادي هندو برادري جي آهي، جيڪا ڪڻڪ نٿي کائي تنهنڪري ان علائقن ۾ چانور ۽ داليون ڏئي رهيا آهيون. هن ٻڌايو ته 16 لک ماڻهو وکريل آبادين ۾ رهي رهيا آهن. ٿر ۾ بنيادي مسئلو خوراڪ ۽ پاڻي جي کوٽ جو آهي، عورتن جي حصي ۾ تمام گهٽ کاڌو اچي ٿو، تنهنڪري ان لاءِ ڊگهي مدي واري منصوبي جي ضرورت آهي. ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري چيو ته ٿر جو 3 سيڪڙو علائقو نهري ۽ 97 سيڪڙو باراني آهي، جڏهن برسات ٿئي ٿي ته پوءِ ڪوبه مسئلو ناهي هوندو. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٿر ۾ غير معياري خوراڪ نه هجڻ گهرجي، اتي معياري خوراڪ ۽ طبي سهولتون ڏنيون وڃن، هي انساني حقن جو معاملو آهي رياست کي انهن ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻا آهن. چيف جسٽس چيو ته مٺي جي اسپتال ۾ تازا ڄاول ٻار فوت ٿي رهيا آهن، ٿي سگهي ٿو ته آچر تي مان مٺي هليو وڃان. قومي اسيمبلي ميمبر رميش ڪمار چيو ته راجستان جي معيشت سڀ کان سٺي آهي، ٿر جي حالت اهڙي ڇو نه آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هي معاملو جنگي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو کي اپيل آهي ته اهي پنهنجا پئسا انهن علائقن تي خرچ ڪن، خيرات وٺڻي پوي پنڻو پوي پر ٿر جي ماڻهن کي سهولتون ملڻ گهرجي. عدالت ٿر ۾ خوراڪ جي کوٽ سبب ٻارڙن جي موت تي ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي ۽ ٽن هفتن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار سنڌ حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته ٿر ۾ ٻارن جون فوتگيون روڪڻ لاءِ هنگامي بنياد تي بندوبست ڪيا وڃن، مٺي اسپتال ۾ هاڻ ڪنهن ٻارڙي کي مرڻ نه گهرجي، اسپتال ۾ سموريون سهولتون هجڻ گهرجن. چيف سيڪريٽري چيو ته ٿر ۾ اڪثر هندو برادري آهي ۽ هو گوشت کائڻ پسند نٿا ڪن. جيئن به ممڪن ٿيو خوراڪ جا پيڪيٽ فراهم ڪنداسين. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته خوراڪ جو معيار به بهتر هجڻ گهرجي، ماڻهو خوراڪ جي کوٽ ۽ پاڻي نه هئڻ سبب مري رهيا آهن. ايڊووڪيٽ جنرل ٻڌايو ته ٿر ۾ 60 هزار ماڻهو غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن، ٿر ۾ 12 کان 13 سالن جي عمر ۾ ٻارڙن جي شادي ڪئي ويندي آهي، اهڙيون ٻارڙيون خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿينديون آهن. چيف جسٽس چيو ته اِهو بنيادي حقن جو مسئلو آهي، ٿر ۾ پاڻي جي کوٽ به آهي، ڇا حڪومت ٿر ۾ پاڻي فراهم ڪري رهي آهي؟ ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ٿر ۾ پاڻي ڏيڻ بدران ٿر وارن کي پاڻي جي ويجهو آڻڻو آهي. چيف جسٽس چيو ته آچر تي آئون پاڻ ڏسندس ته ڪهڙا مسئلا آهن ۽ جائزو وٺندس ته ٿر وارن کي ڪهڙيون سهولتون ڏنيون پيون وڃن. چيف سيڪريٽري سنڌ چيو ته مون کي عهدو سنڀاليندي 18 ڏينهن ٿيا آهن، عدالت ڪجهه مهلت ڏئي حالتون بهتر ٿي وينديون جنهن تي چيف جسٽس کيس چيو ته توهان کي مهلت ڏني وڃي ٿي توهان ٻڌايو ته ڪيترو وقت گهرجي. بيشڪ مسئلن جي حل لاءِ وقت گهربل هوندو. ٻن هفتن ۾ عدالت کي ڊگهي ۽ ننڍي مدي واري پاليسي ٺاهي ڏني وڃي. ٻئي طرف ٿرڪول منصوبي جي فنڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي به ٿي. ايڊيشنل اٽارني جنرل نير رضوي چيو ته ٿر ڪول منصوبو 1320 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو، جنهن تي 1.912 ملين ڊالر خرچ ڪيا ويندا پر منصوبو اڃا شروع نه ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس ڊاڪٽر ثمر مبارڪ مند کي چيو ته توهان کي 100 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪرڻي هئي ڇا ٿيو؟ فرانزڪ آڊٽ ڪرائڻ چاهيون ٿا. توهان جو منصوبو ناڪام ٿي ويو. 13.4 اربن ۾ رڳو 8 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿي ڇو نه جاچ نيب کي ڏيون. بعد ۾ عدالت نيب کي جائزو وٺي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته سائنسدانن، مالياتي ۽ آڊٽ ماهرن جي ٽيم ڏينداسون، عدالت سلمان اڪرم راجه ۽ شهزاد الاهي کي عدالتي مددگار مقرر ڪندي چيو ته اهي به ريڪارڊ ڏسي رپورٽ ڏين. ٿر ۾ خوراڪ ۽ پاڻي بحران جي حل لاءِ حڪومت جنگي بنيادن تي ڪم ڪري. ٻه هفتا ڏيون ٿا.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

بحريا ٽائون لاهور 500 ايڪڙ زمين تي قابض، ڪارروائي جي اجازت

لاهور (م ڊ) اسلام آباد بحريا ٽائون جي 806 ايڪڙ زمين مان 500 ايڪڙ زمين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے