21 اتوار , اکتوبر 2018

35 تڪن ۾ ننڍي چونڊ لاءِ چونڊ مهم جو اڄ آخري ڏهاڙو

The last one of the electoral rolls for a small selection in 35 tanksاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) قومي  ۽ صوبائي اسيمبلي جي 35 تڪن تي ننڍي چونڊ جي مهم جو  اڄ آخري ڏهاڙو، اميدوارڪاميابي لاءِ  ننهن چوٽي جو زور لڳائڻ لڳا،پهريون ڀيرو پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني به ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اليڪشن ڪميشن موجب 14 آڪٽوبر تي قومي اسمبلي جي 10، پنجاب اسمبلي جي 12، ڪي پي ڪي اسمبلي جي 9، سنڌ ۽ خيبرپختونخوا جي 2، 2 تڪن تي چونڊ ٿيڻي آهي. ننڍي چونڊ لاءِ اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي ۾ سميت ٻين شهرن ۾ سياسي سرگرميون عروج تي آهن، ۽ اڄ چونڊ مهم جو آخري ڏهاڙي نامزد اميدوار عوام کان ووٽ گهرندا. لاهور جي تڪ اين اي 131 ۾ ن ليگ جي خواجه سعد رفيق ۽ تحريڪ انصاف جي همايون اختر ۾ مقابلو ٿيندو جڏهن ته اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اين اي 124 لاهور کان ميدان تي آهي سندس مقابلو پي ٽي آءِ جي غلام محي الدين سان ٿيندو. ڪراچي جي تڪ اين اي 243 ۾ پي ٽي آءِ ۽ متحدا قومي موومنٽ جي اميدوارن وچ ۾ سخت مقابلو ٿيڻ جا امڪان آهن، ايم ڪيو ايم مرڪز ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت جي اتحادي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف سان قانوني صلاحڪارن جي ملاقات، ٻڌڻي هيٺ ڪيسن تي مشورا

جاتي امرا ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي قانوني صلاحڪارن سان احتساب …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے