22 پیر , اکتوبر 2018

ڏهه سالن جي قرضن جي آڊٽ، اي سي ايل جي جائزي جو فيصلو، نيب هاءِ پروفائل ڪيسن خلاف ڪارروائي تيز ڪري: وزيراعظم

اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس شروع ٿي ويو، جنهن ۾ معاشي صورتحال جي بهتري لاءِ اپاءَ ۽ آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ جي حمڪمت عملي تي ڪابينا کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. ٻئي پاسي اجلاس ۾ ڪرپٽ عنصرن ۽ مني لانڊرنگ جي ڏوهن  جي نشاندهي بابت ”وسل بلور“ جو قانوني مسودو پيش ڪرڻ جو به امڪان آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس ۾ ملڪي سياسي، معاشي ۽ اقتصادي صورتحال جو جائزو ورتو پيو وڃي. اجلاس دوران اڪثر ماڻهن جو نالو ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ ( اي سي ايل) شامل ڪرڻ يا ڪڍڻ بابت به غور ڪيو ويندو ۽ ان بابت پاليسي تي گهرو وزارت بريفنگ ڏيندي. وفاقي ڪابينا نجڪاري، پي آءِ اي چيئرمين پاڪستان بيت المال جي مقرري جي منظوري به ڏيندي. وفاقي ڪابينا اجلاس ۾ يوريا ڀاڻ جي درآمد پيپرا رولز 35 ۾ نرمي واري سمري پيش ڪئي ويندي، جڏهن ته عطيو ڪيو ويندڙ گاڏين لاءِ انڪم ٽيڪس ۽ سيلز جي آءِ آر او ۾ ڇوٽ جي سمري به پيش ڪئي ويندي. ڪابينا اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان ناڻي واري وزارت کان گذريل ڏهن سالن لاءِ ورتل قرضن جا تفصيل طلب ڪري ورتا. وزيراعظم چيو ته قرضن جي قسطن جون ادا ڪرڻ لاءِ  وڌيڪ قرضن جي ضرورت پئجي رهي آهي، ڏهن سالن ۾ پاڪستان جو قرض 6 هزار مان 30 ارب رپيا ٿي ويندو، ناڻي واري وزارت  کان قرضن بابت تفصيل پڇا آهن، ناڻي واري وزارت ٻڌائي ڏهن ورهين ۾ ورتل قرض ڪهڙين رٿائن تي قرض ڪيا ويا.  وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته اورنج ٽرين ۾ خسارو آهي ان لاءِ وڌيڪ قرض وٺڻا پوندا.  نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بابت هن چيو ته هائوسنگ پروجيڪٽ سان تعميراتي صنعت ۾ ترقي ٿيندي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وفاقي ڪابينا گذريل 10 سالن ۾ ورتل پرڏيهي قرضن جي آڊٽ، ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) ۾ وڌل 3 هزار کان وڌيڪ نالن جو ٻيهر جائزو وٺڻ، اسٽيل مل جي ملازمن جي هلندڙ مهيني جي پگهارن جي ادائيگي، ايئر وائيس مارشل ارشد محمود ملڪ کي چيئرمين پي آءِ اي، ميان محمد سومرو کي نجڪاري ڪميشن جو چيئرمين ۽ عوان عباس جي پاڪستان بيت المال جي ايم ڊي مقرري ۽ يوريا ڀاڻ جي خريداري جي لاءِ پيپرا رول 35 ۾ نرمي جي منطوري جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ جي چيني ڪمپني سان معاهدي جي جائزي جي لاءِ وزيراعظم جي صلاحڪار عبدالرزاق جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، وفاقي ڪابينا نيب چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته نيب جي هاءِ پروفائيل ڪيسز تي ڪارروائي تيز ڪئي وڃي،  ٽيڪس ادا نه ڪندڙ سگريٽ، پينٽ ڪمپنين جي خلاف ڪريڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو آهي، اسمگل ٿيل موبائيلن جي استعمال تي هلندڙ سال جي آخر تائين پابندي لاڳو ڪئي ويندي. هو ڪالهه خميس ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، اطلاعات ۽ نشريات جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته گذريل 10 سالن دوران ورتل سڀني قرضن جي استعمال جي آڊٽ ڪرائي ويندي، حڪومت جي ترجيح آهي ته ملڪ کي ڦريندڙن کان پئسو واپس ورتو وڃي، اسان جي ان ڪوشش خلاف مخالف ڌر احتجاج ڪري رهي آهي، هن چيو ته جهڙي طرح پارليامينٽ چونڊ ڌانڌلين تي پارلياماني ڪميٽي قائم ڪئي آهي اهڙي طرح وزيراعظم عمران خان کان اجازت وٺڻ کانپوءِ پارليامينٽ ۾ قرارداد آڻيندس جنهن ۾ اهو مطالبو ڪيو ويندو ته گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان کي موجوده صورتحال تائين پهچائڻ وارن جو تعين ڪرڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا قومي ڏوهارين خلاف ڪيس هلائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته ڪابينا ايئر وائيس مارشل ارشد خان کي پي آءِ اي جو چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي ۽ نئين چيئرمين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پي آءِ اي جي نئين سرجوڙجڪ ڪري، اپريشنل معاملن کي بهتر بڻائي ڇو ته پي آءِ اي هن وقت 406 ارب روپين جي قرضي آهي ۽ ماهوار پي آءِ اي 2 ارب روپين جو نقصان ڪري رهي آهي هن چيو ته اڃان سي اي او جي مقرري ۾ دير آهي جنهن جي لاءِ اشتهار جلد شايع ٿيندو جنهن کانپوءِ باقي رهيل مرحلا مڪمل ڪيا ويندا، هن چيو ته اسلام آباد نيو انيٽرنيشنل ايئرپورٽ جي شروع ۾ ڪاٿو 36 کان 38 ارب جو هو پر منصوبو مڪمل ٿيو ته ان جي لاڳت 100 ارب کان به ٽپي وئي، ڪابينا منصوبي جي تفصيلي آڊٽ جي منظوري ڏني آهي ۽ ڪابينا نيب چيئرمين کي هدايت ڪئي آهي ته هاءِ پروفائيل ڪيسن جي انڪوائري ۽ جاچ کي تيز ڪيو وڃي، هاءِ پروفائيل ڪيسز کي جلد اڪلائڻ جي ضرورت آهي، ٽيڪس ادا ڪرڻ کانپوءِ پاڪستان ۾ موبائيل فون اچي سگهندا، وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جي مٽاسٽا جو ناڻو 40 ملين ڊالر آهي پر 10 ميلن ڊالر قانوني طريقي سان پاڪستان اچي رهيا آهن وزيراعظم عمران خان اسٽيٽ بئنڪ کي هدايت ڪئي آهي ته مٽاسٽا جي ناڻي کي وڌايو وڃي، جيڪڏهن 10 ملين ڊالر وڌيڪ وڌي وڃن ته اسان کي آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ جي ضرورت نه پوندي، هن چيو ته حڪومت صحت ڪارڊ جاري ڪري رهي آهي، صحت ڪارڊ وسيلي غريب ماڻهو ساڍا 3 کان 4 لکن جو علاج ڪرائي سگهندا. هن چيو ته نواز شريف ۽ زرداري ڪجهه بچايو ئي ناهي ته ڇا ڪيون. هن چيو ته ملڪ جو اهڙو حال ڪندڙ پ پ ۽ نواز ليگ وارا ٽي وي تي اچي اسان کي سمجهائن ٿا، شرم، حيا ۽ غيرت به ٿيندي آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران جي اتحادي قادري به عوام کي رستن تي اچڻ جو چئي ڇڏيو

لاهور: ( م ڊ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري هاڻوڪي نظام خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے