22 پیر , اکتوبر 2018

سپريم ڪورٽ پاران نواز شريف خلاف ريفرنسن جا ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت کي 17 نومبر تائين جي مهلت

The court adjourns the court to finish the references against Nawaz Sharif on November 17اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان احتساب عدالت کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف العزيزيه اسٽيل مل ۽ فليگ شپ انويسٽمنٽ ريفرنسن جا ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ 17 نومبر تائين جي مهلت ڏئي ڇڏي. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بئنچ اڄ ڄاڻايل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف جو وڪيل خواجه حارث سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيو ۽ 6 هفتن تائين مهلت ڏيڻ جي استدعا ڪئي. پر عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته 4 هفتن کان گهڻي مهلت نٿا ڏئي سگهون. خواجه حارث سپريم ڪورٽ کي استدعا ڪئي ته هڪ ڀيرو ته منهنجي ڳالهه به مڃي وڃي. جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته هميشه توهان جي ڳالهه مڃي، پر اهو ئي تاثر ڏنو ويو ته توهان جي ڳالهه ناهي مڃي. ان سان گڏ ئي جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته هي اهو ڪيس آهي جن ٻن ڀائرن ۾ ويڇا پيدا ڪيا. چيف جسٽس جو وڌيڪ چوڻ هو ته توهان چاهيو ته ڇنڇر ۽ آچر ته به ڪم ڪري سگهون ٿا، 17 نومبر تائين ڪيسن جو فيصلو نه ٿيو ته عدالت آچر ڏينهن به ٻڌڻي ٿيندي. چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن ان عرصي دوران ڪيسن جو فيصلو نه ٿي سگهيو ته پوءِ احتساب عدالت جي جج کان پڇاڻو ڪنداسين. ٻڌڻي کانپوءِ چيف جسٽس ٻنهي ريفرنسن جي ٽرائلن لاءِ 17 نومبر تائين جي مهلت ڏيندي رمارڪس ڏنا ته هي آخري واڌ آهي، ان کانپوءِ ڪا به مهلت نه ڏني ويندي. ياد رهي ته سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي روشني ۾ احتساب عدالت کي شريف خاندان خلاف 3 ريفرنس جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ لاءِ 6 مهينن جو وقت ڏنو هو جنهن ۾ 6 ڀيرا واڌ ٿي چڪي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا جو جوهري معاهدي تان هٿ کڻن خطرناڪ آهي: روس

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي نائب پرڏيهي وزير سيرگئي ريابڪوف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے