22 پیر , اکتوبر 2018

فاروق ستار تنظيمي معاملن تي اڄ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار تنظيمي معاملن تي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو. عام چونڊن ۾ شڪست کانپوءِ پارٽي طرفان ڊاڪٽر فاروق ستار کي ننڍي چونڊ ۾ ٽڪيٽ جاري نه ڪئي وئي جنهن کانپوءِ  هو پارٽي معاملن کان پاسيرو آهي، جڏهن هو رابطا ڪميٽي جي ميمبر شپ تان پڻ استعفيٰ ڏئي چڪو آهي. ڊاڪٽر فاروق ستار ڪيئي ڀيرا اشارا ڏئي چڪو آهي ته کيس پاڪستان  تحريڪ انصاف طرفان به شموليت جي دعوت ڏني وئي آهي. ذريعن موجب ڊاڪٽر فاروق ستار تنظيمي معاملن تي پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان هو اڄ منجهند ٻه وڳي ڪراچي پريس ڪلب ۾ اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فاروق ستار پريس ڪانفرنس ۾ مستقبل جي سياسي لائحه عمل جو اعلان ڪندو. ياد رهي ته چونڊن کان اڳ فاروق ستار ۽ خالد مقبول صديقي جي وچ ۾ تنظيمي معاملن تي ڇڪتاڻ هلي رهيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ايم ڪيو ايم جا ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي جن ۾ فاروق ستار جو پي آءِ بي ۽ خالد مقبول صديقي جو بهادر آباد گروپ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے