22 پیر , اکتوبر 2018

ريلوي ايراضي ڪيس: سپريم ڪورٽ پاران چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين ۽ اٽارني جنرلن کي نوٽيس جاري

Railway Case: Supreme Court issued notice to Chief Secretary and Attorney General of the Provincial Provincial Affairsاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ريلوي ايراضي جي ملڪيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي ۾ سپريم ڪورٽ چئني صوبن جي سيڪريٽرين ۽ اٽارني جنرلن کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. تفصيل موجب ريلوي ايراضي جي ملڪيت بابت ڪيس جي ٻڌڻي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ريلوي اختياريون سهڪار ناهن ڪري رهيون، زمين ريلوي جي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندي آهي. جنهن تي عدالت چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ۽ اٽارني جنرلن کي به مدد لاءِ نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي اڻ اعلانيل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

غداري جو الزام: نواز شريف، شاهد خاقان عباسي خلاف درخواست تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

لاهور(ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف ۽ شاهد خاقان عباسي خلاف غداري جي الزام ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے