22 پیر , اکتوبر 2018

عام چونڊن ۾ شاهه محمود قريشي کي هارائيندڙ اميدوار سلمان نعيم جي ميمبر شپ بحال

لاهور ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ٽربيونل پنجاب اسمبلي جي سيٽ تي شاهه محمود قريشي کي شڪست ڏيندڙ آزاد اميدوار سلمان نعيم جي ميمبرشپ بحال ڪري ڇڏي. ميڊيا جي رپورٽن موجب اليڪشن ٽربيونل پنجاب اسمبلي جي تڪ پي پي 217 ۾ شاهه محمود قريشي کي شڪست ڏيندڙ آزاد اميدوار محمد سلمان نعيم جي ننڍي عمر سبب اليڪشن ڪالعدم قرار ڏيڻ بابت ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته اليڪشن ڪميشن وٽ نااهل ڪرڻ جو اختيار ناهي، اهو اختيار اليڪشن ٽربيونل وٽ آهي. اليڪشن ٽربيونل، اليڪشن ڪميشن پاران سلمان نعيم کي نااهل قرار وارو فيصلو معطل ڪندي سندس ميمبر شپ بحال ڪري ڇڏي. اليڪشن ٽربيونل حڪم جاري ڪندي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتا. ياد رهي ته نادرا رڪارڊ مان ثابت ٿيو هو ته چونڊن وقت آزاد اميدوار محمد سلمان نعيم جي عمر 25 ورهين کان گهٽ هئي جڏهن ته اسمبلي ميمبر چونڊجڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 25 سال مقرر آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے