22 پیر , اکتوبر 2018

چيف جسٽس طرفان سنڌ ۾ هندن جي ملڪيتن تي قبضن جو نوٽيس، 18 آڪٽوبر تي ٻڌڻي ٿيندي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار سنڌ ۾ هندن جي ملڪيتن تي قبضن جو نوٽيس ورتو. سپريم ڪورٽ جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان موجب هندن جي ملڪيتن تي قبضن بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻڌڻي 18 آڪٽوبر تي ٿيندي. ترجمان موجب چيف جسٽس ان حوالي سان اٽارني جنرل، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ، مذهبي معاملن واري وفاقي سيڪريٽري ۽ انساني حقن جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. ترجمان موجب چيف جسٽس طرفان اهو نوٽيس ريٽائرڊ پروفيسر ڊاڪٽر ڀڳوان ديوي جي سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل هڪ ويڊيو تي ورتو ويو آهي. لاڙڪاڻي جي رهواسڻ عورت پنهنجي ويڊيو ۾ الزام مڙهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪوڙن ڪاغذن تي هندن جي ملڪيتن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. ڊاڪٽر ڀڳوان ديوي جو وڌيڪ چوڻ هو ته هندو پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن. هن پنهنجي ويڊيو ۾ چيف جسٽس ثاقب نثار کي نوٽيس وٺڻ ۽ مدد جي اپيل ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تائيوان ۾ ريل حادثي جو شڪار، 22 ڄڻا فوت، 100 کان وڌيڪ زخمي

تائپي (ويب ڊيسڪ) تائيوان ۾ ريل سان پيش آيل حادثي جي نتيجي ۾ 22 ڄڻا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے