11 منگل , دسمبر 2018

12 آڪٽوبر: هاڻي آمراڻن روين کي به دفن ڪرڻو پوندو

ملڪ جي 70سالن جي تاريخ دوران ملڪ ۾ ڄمندڙ ٻارڙا اهو ٻڌندي وڏا ٿيندا آهن ته ”ملڪ تاريخ جي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي“ ۽ پوءِ اهي ٻارڙا ملڪ جي ڪرپشن واري ماحول ۾ وڏا ٿي جاهل ٿيندا آهن، جوان ٿي بيمار ٿيندا آهن، پوڙها ٿي بک، غربت، بيماري ۽ اڻ هوند ۾ مري ويندا آهن، اڄ به ملڪ جي صورتحال اها آهي جو ملڪ جو 80/ سيڪڙو عوام بدترين غربت جي زندگي گذاري رهيو آهي، ۽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ عوام ته جهڙوڪر غربت جي لڪير کان به هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي.

اڄ به  ”ملڪ تاريخ جي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي“ ائين ئي گذري رهيو آهي جيئن جنرل ايوب جي دور ۾ گذري رهيو هو، جيئن جنرل يحى جي دور ۾ گذري رهيو هو، جيئن ملڪ جي پهرين چيف آف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ گذري رهيو هو، جيئن ملڪ کي افغان جنگ، هيروئن، ڪلاشنڪوف ۽ لکين افغان پناهگير ڏيندڙ جنرل ضيا الحق جي دور ۾ گذري رهيو هو، جيئن اڳوڻي آمر ۽ ملڪ کي مسلسل نون سال تائين آمريتي دور ڏيندڙ اڳوڻي جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ گذري رهيو هو ، ملڪ جي 70 سالن جي تاريخ ۾ 40 سال ته جهڙوڪر سڌي نموني مارشل لائن ۾ گذريا آهن ۽ باقي 30 سال جهڙوڪر اڻ سڌي نموني مارشل لائن جي ڇپر ڇانوَن ۾ گذريا آهن، ملڪ جي سياسي تاريخ ۽ سياسي اڪابر ان ڳالهه جا شاهد ۽ گواهه آهن ته جيڪي به جمهوري دور رهيا آهن انهن جمهوري دورن ۾ عوام جي چونڊيل حڪومتن کي پنهنجو دور به پورو ڪرڻ جو مو قعو نه مليو آهي، انهن حڪومتن جي وزيراعظمن مان ڪنهن کي ڦاهي تي چڙهڻو پيو آهي، ڪنهن کي جيل ۾ وڃڻو پيو ۽ ڪنهن کي ڏيهه بدر ٿيڻو پيو آهي، تاريخ شاهد آهي ته ملڪ ۾ جمهوري دورن ۾ به غير جمهوري رويا، سوچون ۽ حڪم مڙهيل رهيا آهن، جيڪو سلسلو جاري آهي.

12- آڪٽوبر 1999ع تي اڳوڻي فوجي آمر جنرل پرويز مشرف ان وقت جي چونڊيل وزيراعظم مسلم ليگ (ن ) جي اڳواڻ نواز شريف جي حڪومت خلاف فوجي بغاوت ڪري کيس برطرف ڪيو ۽ پاڻ ملڪ جو صدر ٿي ويهي رهيو، هو مسلسل نونِ سالن تائين ملڪ جو سربراهه رهيو، نواز شريف کي برطرف ڪرڻ بعد مٿس بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو، نواز شريف کي ڪافي عرصو قيد ۾ رکڻ بعد کيس ۽ سندس خاندان کي هڪ ڳجهي معاهدي تحت جلاوطن ڪيو ويو.

جنرل پرويز مشرف جو خيال هو ته هُن ملڪ ۾ مارشل لا لاڳو نه ڪئي آهي ۽ نه ئي ملڪ جي نظام کي فوجي لٺ سان هلائي رهيو آهي، سندس ضد هيو ته هو جمهوري قسم جو آمر آهي، پر سندس جهڙوڪر اها خواهش به رهي ته کيس آمر نه پر اڳواڻ چيو وڃي، پر ڇا ڪجي جو حقيقتي ڳالهيون انتهائي تلخ هونديون آهن، سندس اهو به خيال هيو ته هُن جي اقتدار سنڀالڻ کان اڳ پاڪستان ۾ جمهوريت نالي ماتر هُئي ۽ هاڻي ان کان وڌيڪ جمهوري ماحول آهي، پر کيس سڄي دنيا جي سياسي قيادتن کان اها ئي موٽ ملي ته؛ جمهوريت ڀلي نالي ماتر هُجي اها هر حال ۾ آمريت کان بهتر هوندي آهي.

اڳوڻي جنرل پرويز مشرف جو اهو به چوڻ هيو ته سندس اقتدار سنڀالڻ کان اڳ ملڪ ۾ بدترين ڪرپشن جو دور جاري هيو، پر کيس وري به اهو ئي جواب مليو ته؛ اوهان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي اهو ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڪو مناسب طريقو نه آهي، اوهان ته جمهوريت کي ئي پاڙن کان پٽي ڇڏيو آهي، جنرل پرويز مشرف ڪيئي ڪوششون ڪيون ته دنيا کيس هڪ سياسي اڳواڻ طور ڏسي ۽ تسليم ڪري پر کيس هر موڙ تي انتهائي مايوسي ٿي، ايتري قدر جو پاڪستان ايندڙ ڪامن ويلٿ جو جنرل سيڪريٽري هُجي يا سياسي اڳواڻ هجن، يا وري ان وقت جو آمريڪي صدر بل ڪنلٽن هُجي، سڀني کيس هڪ فوجي آمر ئي سمجهيو نه ڪي سياسي اڳواڻ.

1947ع کان 2018ع تائين ملڪ ۾ حالتون اهڙيون ئي رهيون آهن جهڙيون هن ملڪ جو عوام مسلسل ٻڌندو رهيو آهي، ”ملڪ تاريخ جي نازڪ دور مان گذري رهيو آهي“، ۽ هاڻي 2018ع ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت آهي ۽ ملڪ جو اڳوڻو ناميارو ڪرڪيٽر عمران خان هاڻي ملڪ جو ناميارو وزير اعظم ٿي چڪو آهي، عمران خان جي تقريبن ٽن مهينن جي دور ۾ ملڪ جي معيشت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هاڻي ملڪ ۾ ڊالر جو ملهه 136 روپين تي پهتو آهي، مجموعي طور تي ڊالر جو وڌڻ ۽ روپئي جي ملهه ۾ لاٿ مان اهو سمجهڻ گهرجي ته ملڪ جي معيشت ڏيوالي طرف وڌي رهي آهي.

تاريخ جي هن مرحلي تي سوال هي آهي ته اڃان ملڪ تاريخ جي ڪهڙي نازڪ دور ۾ داخل ٿيندو، ڇا ڪنهن به ملڪ ۾ نازڪ دور جو اندازو ان مان نه ٿو لڳائي سگهجي ته اتي جو عوام بک ۾ مري، بيماريءَ ۾مري، غربت ۾ مري، بيروگاريءَ ۾ مري، غربت ڪري ماڻهو پنهنجن ٻچن کي وڪرو ڪرڻ تي مجبور هجن، غربت سبب پنهنجا ٻار پڙهائي نه سگهن، ٻه ويلا ماني کائي نه سگهن، ڇا ان کان وڌيڪ به ڪو نازڪ دور ٿيندو آهي جو ملڪ جو عوام بجلي، گيس، تيل، دوائن جون قيمتون ۽  اسڪولن جون فيون برداشت ڪري نه سگهن.

اسين انهيءَ خيال جا آهيون ته ملڪ جون حالتون هن وقت واقعي ئي سنگين ٿي ويون آهن، گذريل چاليهه سالن ۾ لڳندڙ مارشل لائن جمهوري روايتن جو روستو روڪي جهڙوڪر سڄي سماج جي ترقيءَ جو رستو روڪي ڇڏيو هو، جنهن جا هاڻي انتهائي منفي اثر نڪري رهيا آهن، جڏهن ته باقي چاليهن سالن ۾ انهيءَ غير جمهوري سوچ تباهين جا سلسلا باقي پئي رکيا آهن جيڪي مارشل لائن جي دورن ۾ ٿينديون رهيون.

چيو ٿو وڃي ته هاڻي ملڪ ۾ جمهوريت آهي ۽ اسين سمجهون ٿا هڪ بهتر جمهوري دور ئي ملڪ جي عوام لاءِ ترقيءَ جا سمورا رستا کوليندو، هاڻي ملڪ ۾ آمريت نه آهي، ۽ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آمريتي نفسيات کي به ختم ٿيڻ کپي، ملڪ ۽ سماج فقط ۽ فقط جمهوري روايتن، سوچن ۽ نفسيات سبب ئي ترقيون ڪندا آهن.

جمعو 12 آڪٽوبر 2018ع، 2 صفر المظفر 1440 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

قبيلائي جهيڙن جي باهه ۽ سڙندڙ سنڌ

سنڌ ۾ گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان قبيلائي جهيڙن جي ڀڙڪيل باهه اڃان ماٺي نه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے