22 پیر , اکتوبر 2018

نواز شريف خلاف العزيزيه، فليگ شپ ريفرنسن جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گادي واري شهر جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جي تاحيات سربراهه نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنسن جي ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي. اڄ ٿيندڙ ٻڌڻي دوران نيب جي داخل ڪيل ريفرنسن جي ٻڌڻي احتساب عدالت نمبر ٻه جي جج محمد ارشد ملڪ ڪئي. عدالت اڄ فريادي ڌر جي شاهد ۽ پاناما جي آءِ ٽي جي سربراهه واجد ضياءَ کي فليگ شپ ريفرنسن ۾ طلب ڪيو هو. ڪيس جي ٻڌڻي دوران نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث جي مددگار عدالت کي ٻڌايو ته خواجه حارث سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي. هن احتساب عدالت کي ٻڌايو ته واجد ضياءَ جو بيان خواجه حارث جي موجودگي ۾ رڪارڊ ڪرائڻ چاهيون ٿا. فريادي ڌر جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته نيب جي ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل پڻ سپريم ڪورٽ ۾ مصروف آهي. هن چيو ته العزيزيه ۾ ثبوت مڪمل ٿيڻ بابت بيان اهو ئي ڏيندو. وڪيلن جو موقف ٻڌڻ کانپوءِ احتساب عدالت جي جج سومر ڏينهن نيب کان العزيزيه ۾ ثبوت مڪمل هئڻ بابت بيان طلب ڪري ورتو. اڄ ٿيندڙ ٻڌڻي دوران نواز شريف احتساب عدالت ۾ موجود هو. گذريل ڏينهن ڪلثوم نواز جي دعا سبب نواز شريف حاضري کان ڇوٽ واري درخواست داخل ڪرائي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے