22 پیر , اکتوبر 2018

پنجاب جي استادن لاءِ هاڻ لائسنس لازمي هوندو: مراد راس

لاهور( ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اسڪول ايجوڪيشن واري صوبائي وزير ڊاڪٽر مراد راس چيو آهي ته پنجاب ۾ استاد ٿيڻ لاءِ هاڻ لائسنس وٺڻ لازمي هوندو. بنا لائسنس ڪو به استاد اسڪول ۾ پڙهائي نٿو سگهي. خانگي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي ڊاڪٽر مراد راس جو چوڻ هو ته ان مقصد لاءِ نئين پاليسي جوڙي ويندي. صوبائي وزير موجب لائسنس تحت جنهن استاد جي جيتري تعليمي قابليت هوندي، هو ان موجب ئي ڪنهن ڪلاس کي پڙهائي سگهندو. ڊاڪٽر مراد راس جو چوڻ آهي ته جڏهن ڊاڪٽر ۽ وڪيل جو لائسنس ٿي سگهي ٿو ته پوءِ استاد جو ڇو نه؟ استاد لائسنس وٺندي ٻڌائيندو ته هو ڇو استاد بڻجڻ جي اهل آهي؟ بدلين واري سوال تي صوبائي وزير ڪلارڪن جي به ڪلاس ورتو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ڪلارڪ رشوت وٺي ڪنهن استاد جي فائيل اڳتي ڪندو پڪڙيو ويو ته هو ان کي نه ڇڏيندو. موجودا نظام جي خامين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ڊاڪٽر مراد راس چيو ته کيس سڀ علم آهي ته ڪلارڪ ڪيتري رشتو وٺندا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے