22 پیر , اکتوبر 2018

سپريم جوڊيشل ڪونسل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف شڪايتون رد ڪري ڇڏيون

Supreme Court Judge Islamabad High Court rejected the complaints against Chief Justiceاسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم جوڊيشل ڪونسل چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي خلاف شڪايتون رد ڪري ڇڏيون. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب سپريم جوڊيشل ڪونسل جو اجلاس چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 11 آڪٽوبر تي ٿي گذريو جنهن ۾ چيف جسٽس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس انور ڪاسي خلاف شڪايتن جو جائزو ورتو ويو. پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف چار شڪايتون هيون جن تي تفصيلي صلاح مشوري سان فيصلو ٿيو ته جسٽس انور ڪاسي خلاف مس ڪنڊڪٽ جو ڪيس نٿو ٺهي جنهن کانپوءِ ڪونسل ڄاڻايل چيف جسٽس خلاف شڪايتون رد ڪري ڇڏيون. ياد رهي گذريل ڏينهن سپريم جوڊيشل ڪونسل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي تڪراري بيان ڏيڻ تي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪئي هئي جنهن جي صدر پاڪستان کان منظوري کانپوءِ کيس عهدي تان هٽايو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا جو جوهري معاهدي تان هٿ کڻن خطرناڪ آهي: روس

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي نائب پرڏيهي وزير سيرگئي ريابڪوف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے