16 منگل , اکتوبر 2018

پاڪستان کي چيني قرضن سبب آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو: آمريڪا

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هيدر نوئرٽ چيو آهي ته پاڪستان کي چين کي قرض جي ادا ڪرڻ  لاءِ عالمي مالياتي اداري وٽ وڌيڪ قرض وٺڻ لاءِ وڃڻو پيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان هيدر نوئرٽ پريس بريفنگ ۾ چيو آهي ته سدس خيال موجب پاڪستاني حڪومت کي چين کان ورتل قرض ادا ڪرڻ لاءِ سنگين صورتحال پيش اچڻ جو اندازو نه هيو پر هاڻ کين بيل آئوٽ لاءِ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻو پيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪستان باظابطا طور تي آءِ ايم ايف کان قرض جي صورت ۾ مدد طلب ڪري ورتي آهي ته جيئن چين کان ورتل قرض کي لاهي سگهجي. ان کان اڳ آمريڪي پرڏيهي وزير مائيڪ پومپيو به آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ واري معاملي تي پاڪستان جي ڳالهه ڪئي هئي. ترجمان هيدرنوئرٽ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته آمريڪا ان سڄي معاملي تي تمام ويجهڙائي سان مشاهدو ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جي آءِ ايم ايف کان قرض حاصل ڪرڻ تي نظرو ڄمائي ويٺو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري جي عدالتي ڪمري ۾ حسين لوائي سان ملاقات

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري بئنڪنگ ڪورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے