16 منگل , اکتوبر 2018

زينب جي قاتل کي 17 آڪٽوبر تي ڦاهي ڏني ويندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) زينب قتل ڪيس سميت 12 ٻارڙين جي قاتل عمران کي 17 آڪٽوبر تي ڦاهي ڏني ويندي. دهشتگردي جي انت واري عدالت جي جج شيخ سجاد احمد قصور جي 7 ورهين جي زنيب قتل ڪيس سميت 12 ٻارڙين جي قاتل عمران جا بليڪ وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جنهن کانپوءِ ڏوهاري کي سينٽرل جيل لاهور ۾ 17 آڪٽوبر تي ڦاهي ڏني ويندي. ان کان اڳ عمران سپريم ڪورٽ ۾ پنهنجي موت جي سزا خلاف اپيل داخل ڪئي هئي پر سپريم ڪورٽ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي اپيل خارج ڪري ڇڏي هئي. ياد رهي ته هلندڙ سال جنوري ۾ قصور ۾ معصوم زنيب کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو هو جنهن جو لاش گند جي ڍير مان مليو هو. دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت پهرين فيبروري تي معصوم نينگري جي قاتل عمران خان کي 4 ڀيرا موت جي سزا جي حڪم ڏنو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان سواءِ خطي ۽ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي: ميجر جنرل آصف غفور

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے