16 منگل , اکتوبر 2018

 پي ٽي اي طرفان بنا تصديق ٿيل موبائيل فونن کي بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ٽيلي ڪميونڪيشن اٿارٽي( پي ٽي اي) بنا تصديق ٿيل موبائيل فونن کي 20 آڪٽوبر کانپوءِ بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پي ٽي اي موبائيل واهپيدارن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن 20 آڪٽوبر کانپوءِ به واهپيدارن پنهنجي موبائيل فون جي تصديق نه ڪرائي ته سندن فون بند ڪيا ويندا. پي ٽي آي جو چوڻ آهي ته گهر ويٺي ئي موبائيل فون جي ڊيوائسن جي اوريجنل هئڻ جي تصديق ڪرائي سگهجي ٿي. موبائيل واهپيدار رڳو موبائيل فون جو ايم آءِ اي آءِ نمبر ٽيڪسٽ ميسج ذريعي ايٽ فور ايٽ ( 8484) تي موڪلي پنهنجي ڊوائس جي تصديق ڪرائي سگهن ٿا. موبائيل فون جو ايم آءِ اي آءِ نمبر موبائيل فون مان اسٽار هيش زيرو سڪس هيش  (*#06#) ڊائيل ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿو.ان کانسواءِ موبائيل ڊيوائسن جي تصديق پي ٽي اي جي ويب سائيٽ تان به ڪرائي سگهجي ٿي جڏهن ته گوگل پلي تان پنهنجي موبائيل لاءِ ايپليڪيشن ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿي. جيڪڏهن تصديق کانپوءِ پهرين رزلٽ IMEI Comliant اچي ٿو ته ان جو مطلب آهي ته توهان جو موبائيل پي ٽي اي مان تصديق ٿيل آهي ۽ 20 آڪٽوبر کانپوءِ بلاڪ نه ٿيندو. جيڪڏهن رزلٽ Valid IMEI  اچي ٿو ته توهان پنهنجو موبائيل فون پي ٽي اي کان رجسٽر ڪرائڻو پوندو ٻي صورت ۾ فون بلاڪ ٿي ويندو. جيڪڏهن رزلٽ Invalid IMEI   اچي ٿو ته ان جو مطلب آهي ته توهان جعلي/ ٽيمپر ٿيل موبائيل استعمال ڪري رهيا آهيو. ان جي تصديق نٿي ٿي سگهي ۽ اهو 20 آڪٽوبر کانپوءِ بند ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري جي عدالتي ڪمري ۾ حسين لوائي سان ملاقات

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري بئنڪنگ ڪورٽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے