16 منگل , اکتوبر 2018

مي ٽو مهم : نانا پاٽيڪر ۽ ساجد خان تي هراساني جي الزامن کانپوءِ هائوس فل فور جي عڪسبندي روڪي وئي

ممبئي(شوبز نيوز )  بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار پنهنجي مزاحيه فلم سريز هائوس فل جي چوٿين حصي جي شوٽنگ روڪي ڇڏي آهي، جنهن جو سبب نانا پاٽيڪر ۽ ساجد خان ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته فلم جي 70 سيڪڙو عڪسبندي مڪمل ٿي چڪي آهي. فلم جي پروڊڪشن ساجد ناڊيا والا ۽ هدايتڪار ساجد خان ڏئي رهيو آهي. ان فلم جي ڪاسٽ ۾ اڪشي ڪمار سان گڏ رتيش ديشڪمک، بوبي ديول، ڪيتي سننس ۽ نانا پاٽيڪر شامل آهن. ڀارتي ميڊيا موجب اڪشي ڪمار فلم جي عڪسبندي هدايتڪار ساجد خان ۽ اداڪار نانا پاٽيڪر تي لڳندڙ جنسي حراسان ڪرڻ وارن الزام بعد فلم جي شوٽنگ روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب اڪشي ڪمار 28 سالن جي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به فلم جي شوٽنگ ناهي روڪي ، هي پهريون ڀيرو آهي جو اداڪار فلم جي شوٽنگ ڪينسل ڪرائي آهي، جنهن جو سبب اهو آهي ته هالي ووڊ کانپوءِ بالي ووڊ ۾ پهتل مي ٽو مهم، جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. سندس چوڻ آهي ته نانا پاٽيڪر ۽ ساجد خان تي لڳايل الزام ڳنڀير آهن. واضح رهي ته ساجد خان تي اداڪاره سلوني چوپڙا، اداڪاره ريچل وائيٽ ۽ صحافڻ ڪرشمه اوپاڊي جنسي حراسان ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن. جڏهن ته نانا پاٽيڪر تي اڳوڻي اداڪاره تنوشي دتا هراسان ڪرڻ وارا الزام لڳايا آهن. جنهن بعد ڀارت ۾ مي ٽو مهم زور وٺي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آلوڪ ناٿ جي زال مڙس تي الزامن خلاف عدالت پهتي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار آلوڪ ناٿ جي گهرواري اشو ناٿ پنهنجي مڙس تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے