16 منگل , اکتوبر 2018

فاروق ستار ايم ڪيو ايم ۾ انٽرا پارٽي چونڊ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪو ايم اڳواڻ فاروق ستار پارٽي ۾ انٽرا پارٽي اليڪشن جو مطالبو ڪري ڇڏيو. ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته 13 سپٽمبر تي رابطا ڪميٽي کي استعفيٰ ڏني هئي ۽ ذاتي سبب ٻڌائي اڄ انهن سببن جا تفصيل ٻڌائي رهيو آهيان. هن چيو ته هن وقت ايم ڪيو ايم جنهن حالتن مان گذري رهي  ان لاءِ ضروري آهي ته رابطا ڪميٽي فوري طور تي تمام ڪارڪنن جي عزت سان 5 فيبروري واري پوزيشن تي بحال ڪري. فاروق ستار جو چوڻ آهي ته 25 جولائي  وارين چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪراچي ۾ 17 سيٽن مان 4  تائين وڃي پهتي. ايندڙ آزمائش مڪاني چونڊون آهن، جيڪڏهن تنظيم کي ورهائڻ ۽ تباهي کان بچائڻو آهي، ان جي ساک ٻيهر بحال ڪرائڻي آهي گڏ ٿيڻو پوندو.  ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيو آهي ته پارٽي تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي، مڪمل تباهي کان بچائڻ لاءِ جيترو جلد ممڪن ٿئي پارٽي انٽرا پارٽي اليڪشن جو بندوبست ڪيو وڃي. موجودا بد نظمي ۽ افراتفري واري صورتحال مان نڪرڻ لاءِ ڪارڪنن کان فريش مينڊيٽ ورتو وڃي. فاروق ستار چيو ته اها خبر آهي ته منهنجي پريس ڪانفرنس جو بهادر آباد مان جواب ايندو پر ڪوشش ڪندس ته ان جواب اڳ ئي ڏئي ڇڏيان، حادثاتي طور تي 23 آگسٽ لنڊن کان مان قيادت وٺي ڇڏي، مان پارٽي کي بچايو، هر ڪارڪن ووٽر ان تاريخي حقيقت کي ڄاڻي ۽ مڃي ٿو، ان بنياد تي دل سان منهنجي عزت ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته خالد مقبول صديقي ڪارڪنن کان مينڊيٽ ناهي ورتو ۽ حادثاتي طور تي مونکان سربراهي وٺي ڇڏي آهي انڪري تنظيم جي موجودا صورتحال کي ڏسندس جلد کان جلد انٽرا پارٽي الڪيشن ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان کان سواءِ خطي ۽ دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگهي: ميجر جنرل آصف غفور

لنڊن(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور جو چوڻ آهي ته پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے