21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز: قمبر: شهيد مير مرتضي ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاج

* قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو طرفان پريس ڪلب آڏو شهيد مير مرتضي ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل ڪيس ۾ انصاف نه ملڻ ۽ قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو  ويو .

پ پ شهيد ڀٽو جي ڪارڪنن محمد جان بروهي، الله ڏنو گوپانگ، نواب الدين چانڊيو، لالا بشير کوسو، اياز علي ميرجت، قربان چانڊيو، سجاد سومرو، بابا فريد بروهي  ۽ ٻين جي اڳواڻي  ۾ احتجاج ڪيو .

 ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته 22 ورهيه گذرڻ باوجود شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي خون سان انصاف نه ڪيو ويو آهي .

هنن ٻڌايو ته مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين کي شهيد ڪندڙ وڏن عهدن تي فائز آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميرمرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قتل ۾ملوث سمورن هٿن کي وائکو ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي انصاف فراهم ڪيو وڃي ………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز : ٽنڊوڄام: برطرف ملازمن جو انتهائي قدم، انتظاميھ پريشان

* ميونسپل ڪميٽي ٽنڊوڄام ۾ برطرف ٿيل 69 ملازمن پاران بلاجواز ۽ جبري برطرفي خلاف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے