16 منگل , اکتوبر 2018

تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه پنهنجي نياڻي کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه سنڌ اسمبليءَ ۾ ڪيل اعلان موجب پنهنجي اڪيلي ڌيءَ کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو. صوبائي وزير پنهنجي 8 ورهين جي نياڻي ڪيف کي حيدرآباد جي گورنمنٽ گرلز ميران اسڪول ۾ ٽئين درجي ۾ داخل ڪرايو. ان موقعي تي تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه جو چوڻ هو ته پنهنجي نياڻي کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي ڇڏيو هاڻ ٻين ميمبرن لاءِ امتحان آهي. سردار شاهه چيو ته جڏهن شروعات وزيرن ۽ استادن کان ٿيندي ته تعليم جو معيار به بهتر ٿيندو، سڀ کان وڏو مسئلو اونرشپ جو آهي ۽ شروعات مٿان کان ٿيندي ته تعليم جو معيار پڻ بهتر ٿيندو. سردار شاهه جو چوڻ آهي ته سرڪاري اسڪولن تي اعتماد وڌائڻ ڏانهن پهرين وک کنئي آهي. اڃا شروعات آهي ۽ اميد آهي ته اهو سلسلو اڳتي وڌندو. صوبائي وزير جي نياڻي ڪيف جو ان موقعي تي چوڻ هو ته منهنجا والدين سرڪاري اسڪول مان تعليم حاصل ڪئي ۽ مان به سرڪاري اسڪول ۾ پڙهڻ چاهيان ٿي. اڄ اسڪول جو ماحول ڏسي تمام سٺو لڳو آهي. ياد رهي ته تعليم واري صوبائي وزير سردار شاهه سنڌ اسمبلي ۾ بيهي ڪري اعلان ڪيو هو ته هو پنهنجي نياڻي کي سرڪاري اسڪول ۾ داخل ڪرائي سرڪاري اسڪولن تي عوام جو اعتماد بحال ڪرائيندو ۽ معياري تعليم بلند ڪرڻ لاءِ قدم کڻندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خانگي اسڪول پنهنجا آڊٽ اڪائونٽ پيش ڪن، مناسب في مقرر ڪنداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن کي آدٽ اڪائونٽس جمع ڪرائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے