21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز: قمبر: ارڙي کان بچاءَ لاءِ ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ٽڪا مهم ريلي

*قمبر ۾ موذي مرض ارڙي کان بچاءَ لاءِ ٽڪا مهم جي  حوالي سان ماڻهن ۾ جاڳرتا پيدا ڪرڻ لاءِ ريلي ڪڍي وئي

ڊپٽي ڪمشنر قمبر شهدادڪوٽ جاويد جاگيراڻي، ڊي ايڇ او سليم تنيو، ايم ايس علي گوهر چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ارڙي خلاف اسپتال کان ريلي ڪڍي وئي.

ريلي شھر جي مختلف روڊن رستن کان ٿيندي پريس ڪلب پهتي جتي ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ چيو ته ارڙي هڪ خطرناڪ بيماري آهي جنهن لاءِ جاگرتا ريلي  ڪڍي وئي آهي .

 هن چيو ته ارڙي جي بيماري جا ٽڪا لڳائڻ لاءِ شهر جي مک هنڌن تي ڪيمپون قائم ڪيون وينديون جتي ٻارن کي ٽڪا لڳايا ويندا .

 هن چيو ته 9مهينن کان 5 سالن جي ٻارن کي ارڙي کان بچاءَ جا مفت ٽڪا لڳايا  ويندا ٽڪا لڳائڻ جي مهم 15 آڪٽوبر کان 27 آڪٽوبر تائين جاري رهندي.

ڊي سي قمبر شهداد ڪوٽ سنڌ اوسين کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي ٻارن کي ارڙي کان بچاءَ جا ٽڪا لڳرائين ………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: ٽنڊوڄام:کنڀي گم ڪيل نوجوان ڪيئن بازياب ٿي گهر پهتو؟ وارث حيران!!

*ٽنڊوڄام مان چار ڏينهن اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ٽنڊوڄام …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے