16 منگل , اکتوبر 2018

ايف آءِ اي، اي ٽي ايم فراڊ ۾ ملوث هڪ ٽولي کي گرفتار ڪري ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ايف آءِ اي، اي ٽي ايم ۾ فراڊ ڪري ماڻهن کي لٽيندڙ گروپ کي گرفتار ڪري ورتو. وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) موجب هڪ ڪاروائي دوران اي ٽي ايم ۾ فراڊ ڪري ماڻهن کي لٽيندڙ گروپ کي گرفتار ڪيو ويو آهي جنهن ۾ غيرملڪي به شامل آهن ۽ انهن جو واسطو رومانيا سان آهي. ايف آءِ اي اختيارين ٻڌايو آهي ته جوابدارن جي قبضي مان 130 اي ٽي ايم، ڪريڊٽ ڪارڊ، ليپ ٽاپ، ڪيمرا ۽ هڪ هزاز کان وڌيڪ جعلي اي ٽي ايم ڪارڊ به هٿ ڪيا ويا آهن. ايف آءِ اي موجب جوابدارن فراڊ ڪري شهرين جا ڪروڙين رپيا لٽي پرڏيهه فرار ٿي ويندا هئا. ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽولي جي ٻين جوابدارن کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

خانگي اسڪول پنهنجا آڊٽ اڪائونٽ پيش ڪن، مناسب في مقرر ڪنداسين: چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ خانگي اسڪولن کي آدٽ اڪائونٽس جمع ڪرائڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے