21 اتوار , اکتوبر 2018

نيوز: نوابشاهه: بارڊر تافتان ۾ ڦاٿل زائرين کي گهر پهچائڻ لاءِ شيعه علماءِ ڪائونسل جو احتجاج

*نوابشاهه ۾ ايران- پاڪستان جي بارڊر تافتان ۾ ڦاٿل پنج هزار کان وڌيڪ زائرين کي گهر پهچائڻ لاءِ شيعه علماءِ ڪائونسل جي سڏ تي احتجاج ڪيو ويو .

  مولانا ڪفايت حسين ڪريمي، مولانا غلام رضا رباني، زوار محمد حسين چانڊيو جي اڳواڻي  ۾ امام بارگاهه ٻاهران  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

 اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته تافتان بارڊر تي ۽ ڪوئيٽا ۾ ڦاٿل زائرين لاءِ مشڪلاتون پيدا ڪيون پيون وڃن حڪومت اهي رڪاوٽون ختم ڪري ۽ پنج هزار کان وڌيڪ زائرين کي پنهنجي گهرن ڏانهن پهچائڻ لاءِ قدم کڻي.

 هنن چيو ته  تافتان ۾  پيئڻ جي پاڻي ۽ کاد خوراڪ جي شين جي قلت پيدا ٿي وئي آهي زائرين انتهائي تڪليف ۾ ڦاٿل آهن

 هنن بلوچستان حڪومت کان مطالبو ڪيو ته زائرين جي مسئلن کي حل ڪيو وڃي ۽ سفري سهولتن ۾ آزادي ڏني وڃي ٻي صورت ۾ بلوچستان  ۽ قومي اسيمبلي جو گهراءُ ڪيو ويندو ………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز: کوسڪي: ڪالاباغ ڊيم خلاف ايس ٽي پي جو حيران ڪندڙ اعلان؟

*کوسڪي  ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي فيصلي ۽ ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے