20 ہفتہ , اپریل 2019

اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ اسٽيشنن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا

ECP has declared polling stations details for the electionsاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن ننڍي چونڊ لاءِ پولنگ اسٽيشنن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. اليڪشن ڪميشن موجب 14 آڪٽوبر جي 35 تڪن ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ ۾ ڪُل 7 هزار 489 پولنگ اسٽيشن قائم ڪيون ويون آهن جن ۾ هڪ هزار 727 پولنگ اسٽيشن حساس ترين آهن. اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 35 تڪن ۾ 92 لک ، 83 هزار 74 ووٽر، ووٽ جو حق استعمال ڪندا، چونڊن ۾ 51 هزار 235 چونڊ عملو خدمتون انجام ڏيندو، پولنگ اسٽيشنن تي امان امان جي ذميواري فوج سنڀاليندي، فوج سمورن پولنگ اسٽيشنن جي اندر ۽ ٻاهر مقرر ڪئي ويندي. اليڪشن ڪميشن موجب امن امان جي جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فوج 12 کان 15 آڪٽوبر تائين سيڪيورٽي جي معاملا سنڀاليندي. اليڪشن ڪميشن ٻڌايو آهي ته ننڍي چونڊ ۾ حصو وٺڻ لاءِ 661 اميدوارن نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا جن مان 16 اميدوارن جا نامزدگي ڪاغذ رد ۽ 645 جا منظور ٿيا جيڪي 14 آڪٽوبر تي چونڊ وڙهندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو… عمر ايوب وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) توانائي بابت وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته پاور ڊويزن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے