16 منگل , اکتوبر 2018

نئون پاڪستان هائوسنگ رٿا: پنجاب حڪومت فيصل آباد ۾ زمين حاصل ڪري ورتي

New Pakistan Housing Renaissance: Punjab government acquired the land in Faisalabadلاهور (ويب ڊيسڪ ) پنجاب حڪومت نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت فيصل آباد ۾ پائيلٽ پروجيڪٽ لاءِ 650 ڪينال زمين حاصل ڪري ورتي. پنجاب حڪومت موجب پائيلٽ  پروجيڪٽ لاءِ فيصل آباد ۾ مڪوانا روڊ تي گهر تعمير ڪيا ويندا جنهن لاءِ زمين پڻ ورتي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته پائيلٽ پروجيڪٽ لاءِ وفاقي ٽاسڪ فورس ۽ پنجاب حڪومت لاڳيتو مانيٽرنگ ڪندي، سمورن کاتن جي اين او سي لاءِ ون ونڊو آپريشن ٿيندو. صوبائي حڪومت فيصل آباد ۾ پائيلٽ پروجيڪٽ ٻن سالن ۾ مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ سمورن کاتن کي رٿا جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ فوري قدم کڻڻ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے