22 پیر , اکتوبر 2018

پاڪستاني فلمسازن طرفان وزيراعظم کان ڀارتي فلم جي نمائش تي پابندي جو مطالبو

ڪراچي ( اسپورٽس نيوز ) پاڪستاني فلم پروڊيوسر ايسوسي ايشن پاڪستان سينيما گهرن ۾ ڀارتي فلمن جي نمائش تي مڪمل طور تي پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. پاڪستان فلم پروڊيوسر ايسوسي ايشن( پي ايف پي اي) جي سينيئر نمائندي چوڌري اعجاز ڪامران جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڀارتي اسٽيڪ هولڊرن ۽ فلم آرگنائزيشن پنهنجي انڊسٽري لاءِ  قدم کڻي سگهن ٿا ته اسان ڇو نه نٿا کڻي سگهون، بالي ووڊ انڊسٽري اسان جي فنڪارن ۽ آرٽسٽن تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ ماضيءَ ۾ به ائين ٿيندو رهيو آهي ته پوءِ اسان کي ڪهڙي شيءَ روڪيو آهي؟ پي ايف پي اي ان سلسلي ۾ وزيراعظم عمران خان کي هڪ خط پڻ لکيو آهي جنهن ۾ هنن وزيراعظم کي درخواست ڪئي آهي ته ان معاملي تي صحيح قدم کنيا وڃن، ايسوسي ايشن جو مڃڻ آهي ته اسان جي مقامي انڊسٽري جي بحالي ۽ بهتري لاءِ حڪومت ڀارتي فلمن تي پاپندي لڳائڻ گهرجي. جيڪڏهن ائين ڪيو ويو ته مقامي سينيمائن جا مالڪ لاڳيتو اسان جي فلمن تي ڀارتي فلمن کي اهميت ڏيندا رهندا جنهن سان پاڪستاني فلمن کي نقصان ٿيڻ جو خدشو آهي. اسان کي اميد آهي ته وزيراعظم عمران خان اسان جا مطالبا مڃيندو ۽ ڀارتي فلمن تي پابندي لاڳو ڪندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شوبز ۾ ڪا زبردستي نه پر سڀ ڪجهه رضامندي سان ٿيندو آهي: شلپا شندي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪارا شلپا شندي بالي ووڊ ۾ پکڙيل ”مي ٽو“ مهم جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے