16 منگل , اکتوبر 2018

انساني حقن لاءِ ڪم ڪندڙ گلالئي اسماعيل اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ عالمي ايوارڊ يافته گلالئي اسماعيل کي اسلام آباد ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو آهي . ذريعن موجب وفاقي جاچ اداري ( ايف آءِ اي ) کيس برطانيا کان وطن واپسي تي گرفتار ڪيو جنهن کانپوءِ هيومن رائيٽ ايڪٽويسٽ کي اينٽي هيومن ٽريفيڪنگ سيل جي حوالي ڪيو ويو آهي. گلالئي اسماعيل عورتن جي حقن لاءِ مهم هلائيندي آهي ۽ پشتون تحفظ موومنٽ جي سرگرم ڪارڪن پڻ آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي گلالئي اسماعيل چيو ته لنڊن مان وطن واپسي تي ايف آءِ اي اختيارين کيس گرفتار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته وطن پهچڻ تي خبر پئي ته سندس نالو اي سي ايل ۾ شامل ڪيو ويو آهي. گلالئي اسماعيل انساني حقن جي سرگرم ڪارڪن  ۽ ڪيترن ئي اين جي اوز جي چيئرپرسن آهي. کيس انٽرنيشنل اينڊ ايٿيڪل يونين جي ” هيومينسٽ آف دي ايئر“ ايوارڊ ۽ شيراڪ فائونڊيشن جي امن ايوارڊ سان نوازيو ويو آهي. گلالئي اسماعيل صوابي ۾ پيدا ٿي ، هو اسڪول استاد ۽ انساني حقن جي ميمبر محمد اسماعيل جي نياڻي آهي. گلالئي اسماعيل 2002 ۾ قائد اعظم يونيورسٽي مان فلسفي ۾ ماسٽر ڊگري حاصل ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪنڌڪوٽ : اوڳاهي لاڙي وٽ ريل گاڏي جو چنگچي رڪشا کي ٽڪر، 9 ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ(ويب ڊيسڪ)  اوڳاهي لاڙي ويجهو ريل گاڏي ۽  چنگچي رڪشا جي وچ ۾ ٽڪر جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے