16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: ٽنڊو باگو : گهر تي چڙهائي ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو جهڏو ٽندو باگو روڊ تي ڌرڻو ، ٽريفڪ معطل

*ٽنڊي باگي   ۾ گهر تي چڙهائي ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جهڏو ٽندو باگو روڊ تي ڌرڻو هنيو، جنهن  سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي.

اوڪو پٽيل ۾ پوليس پاران اڏيو ريٻاري جي گهرن تي چڙهائي خلاف ڳوٺاڻن سومار ريٻاري، ڪنڊو بچايو، صدامون ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

ان موقعي تي خطاب ڪندي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته پوليس منشات جو بهانو ڪري سندن  گهرن تي چڙهائي ڪئي آھي جڏهن ته  گهرن مان ڪا به شيءِ برآمد نه ٿي .

 هنن چيو ته روز روز  کين   ٽنڊوباگوپوليس  بنا ڪنهن سبب جي  تنگ ڪري رهي آهي جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

  هنن ايس ايس پي بدين  کان مطالبو ڪيو ته ٽندو باگو پوليس خلاف ڪارراوئي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڙي: ايس ٽي پي پاران سنڌودرياءِ تي ڊيم ٺاهڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف احتجاج

*ڪوٽڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌودرياءِ  تي ڊيم ٺاهڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے