16 منگل , اکتوبر 2018

نيوز: مومل جي ماڙي:۾ ڊيوٽي دوران ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل اهلڪار جي وارثن کي انصاف نه مليو

*مومل جي ماڙي ۾ 3 سال پهرين ڊيوٽي دوران ڪار جي ٽڪر ۾ فوت ٿيل پوليس اهلڪار جي وارثن کي انصاف نه مليو، پوليس اهلڪار جي زال پنهنجي ٻارن سان گڏجي احتجاج ڪيو .

  ڳوٺ علي نواز پتافي جي رهواسي  حاجران پنهنجي ٻارن سان  گڏجي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ٽي سال اڳ سندس مڙس پوليس اهلڪار ڊيوٽي دروان روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو هو .

هن ٻڌايو ته پوليس ٻڌايو ته هنن ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي بعد ۾ پوليس بنا ڪنهن بيان جي رشوت وٺي ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

مسمات حاجران  ٻڌايو ته کيس خدشو آهي ته سندس مڙس روڊ حادثي ۾ شهيد نه ٿيو آهي پر کيس قتل ڪيو ويو هو .

هن ٻڌايو ته 3 سال گذرڻ باجود  پوليس طرفان ڪجھه  به  ناهي مليو ،  پگهارون به بند ڪيون ويون  آهن .

 متاثر عورت وڏي وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ پنهنجو جائز حق ڏياريو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز:ڪوٽڙي: ايس ٽي پي پاران سنڌودرياءِ تي ڊيم ٺاهڻ ۽ سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏيڻ خلاف احتجاج

*ڪوٽڙي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌودرياءِ  تي ڊيم ٺاهڻ ۽ سنڌ ۾ ڌارين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے