17 ہفتہ , نومبر 2018

نيوز: قاضي احمد: هٿياربند ڊاڪٽرياڻي جي گهر ۾ داخل ٿي کيس يرغمال بڻائي الهه تلهه ٻهاري ويا

*قاضي احمد   ۾ رات دير سان  هٿياربند ڊاڪٽرياڻي جي گهر ۾ داخل ٿي کيس يرغمال بڻائي الهه تلهه کڻي فرار ٿي ويا.

 شھر جي مصروف ترين علائقي دوست محمد ڪالوني ۾ ڇهن هٿياربندن ليڊي ڊاڪٽرياڻي شميم جوڻو جي گهر ۾ گهڙي گهر ڌڻين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جي ڦر ڪئي.

 ان موقعي تي ڊاڪٽرياڻي شميم جوڻو صحافين کي ٻڌايو ته ڦورو گهر جي ڀت ٽپي اندر داخل ٿيا جڏھن ته ڦورو  گهر ۾ پيل روڪ رقم سون قيمتي سامان ڦر ڪري فرار  ٿي ويا.

 ڦر ٿيل سامان جي ماليت ڏيڊ لک کان مٿي ٻڌائي وئي اهڙي واردات جي رپورٽ قاضي احمد ٿاڻي تي داخل ڪرائي ويئي آھي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ | لاڙڪاڻو: موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ 2 حياتيون کسي ورتيون

لاڙڪاڻي ۾ موٽر سائيڪل جي ون ويلنگ دوران ٽڪر لڳڻ ڪري زال ۽ مڙس ٿڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے