22 پیر , اکتوبر 2018

سپريم ڪورٽ: اين آءِ سي ايل ڪيس جي درخواست خارج، درخواستگذار تي ڏنڊ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  سپريم ڪورٽ نيشنل انشورنس ڪمپني لميٽڊ (اين آءِ سي ايل) ڪيس جي درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي درخواستگذار تي ڏنڊ مڙهي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ اين آءِ سي ايل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته معاملو ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي پر هڪ ڀيرو ٻيهر درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ڇو آئي؟ جسٽس ثاقب نثار چيو ته اسان ڪو تاثر ناهيون ڏئي رهيا جوابدارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي پر توهان جي  اصيل ۽ توهان جي ذهن ۾ بنا جواز اِهو تاثر اچي ويو آهي، اسان درخواستگذار کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيون ٿا، ان کي سپريم ڪورٽ ۾ اهڙي درخواست داخل ڪرڻ جي جرعت ڪيئن ٿي؟ چيف جسٽس وڪيل کي چيو ته توهان جي اصل  سفارش ڪرائي توهان کي اهڙي درخواست داخل ڪرڻ جو چيو، اسان هن ملڪ کي سفارش جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏيارينداسين. عدالت درخواستگذار کي 30 هزار رپيا ڏنڊ ڊيم فنڊ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي درخواست خارج ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمريڪا جو جوهري معاهدي تان هٿ کڻن خطرناڪ آهي: روس

ماسڪو (ويب ڊيسڪ) روس جي نائب پرڏيهي وزير سيرگئي ريابڪوف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے