22 پیر , اکتوبر 2018

وزير اعظم اسد عمر جي ڪارڪردگي تي ڪاوڙيل، معاشي پاليسين تي عدم اطمينان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي معاشي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي سندس ڪارڪردگي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي. ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ ڪجهه پارٽي اڳواڻن جو غير رسمي اجلاس ٿيو جنهن ۾ وزير اعظم ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر جي معاشي پاليسين تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو. وزير اعظم اسد عمر جي ڪارڪردگي تي به ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ناڻي واري وزير کي اقتصادي صورتحال تي اڳ ئي منصوبابندي ڪرڻ گهرجي ها، آءِ ايم ايف سان رابطو ڪرڻ ۾ پاليسي کي نقصان رسيو. ذريعن موجب وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسد عمر کي هوم ورڪ مڪمل ڪرڻ گهرجي ها، خاص منصوبابندي نه ٿيڻ سان عوامي رد عمل کي منهن ڏيڻو پيو پوي. هن موجوده اقتصادي صورتحال تي قوم کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي لاءِ هو قوم سان خطاب ڪندو ۽ کيس روشن مستقبل بابت سمجهاڻي ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين ڪاررواين تي ڳڻتي آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت جي ترجمان والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز جي ظالماڻين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے